خيرپور ۾ پينشن کڻندڙن جو پئسا نه ملڻ خلاف احتجاج

خيرپور (س ر)گورنمينٽ رٽائرڊ امپلائيز/پينشنرس خيرپور ضلعي صدر فقير شفي محمد سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي  ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ جي ناڻي کاتي فوتي ملازمن جي گريجوئٽي بجيٽ، رٽائرڊ ملازمن جي ڪميوٽيشن بجيٽ ۽ LPR بجيٽ منٿلي بجيٽ رليز نه ڪئي آهي،جنهن سبب خزاني آفيس خيرپور ۾ فوتي ملازمن جي گريجوئٽي بجيٽ 15 ڪروڙ جا پاس ٿيل بل رولڙي جو شڪار،رٽائرڊ ملازمن جي ڪميوٽيشن بجيٽ جا 38 ڪروڙن جا پاس ٿيل بل رولڙي جو شڪار ۽ LPR جا 12 ڪروڙ جا پاس ٿيل بل رولڙي جو شڪارٿي ويا آهن ۽ ناڻي کاتي طرفان بجيٽ . بجيٽ رليز نه ٿيڻ جي ڪري پيرول نه هلايو ويو.،جنهن سبب ملازمن جي بيئڪ اڪائونٽ ۾ پيسا نه پهچي سگهيا آهن جنهن ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ فوتي ملازن جا وارث عيدالفطر ملهائن کان محروم ۽ فاقاڪشيءَ ۾ عيد ملهائڻ تي مجبور آهن.ٻئي طرف  رابطي ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر خيرپور چيو ته اسان کي ناڻي کاتي سنڌ بجيٽ رليز نه ڪئي آهي ان ڪري اسان پيرول نٿا هلائي سگھون.،فقير شفي محمد سولنگي وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو آرڊر آهي ته رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي وارثن کي پندرنهن ڏينهن اندر پينشن جون ادائگيون ڪيون وڃن. تنهن ڪري اسين خيرپور ۽ پوري سنڌ جا رٽائرڊ ملازم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي ۽ سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وزيراعلي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون  ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ناڻي کاتي جا نااهل ۽ ڪرپٽ آفيسر فورن هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ خيرپور ضلعي جي رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جي پينشن، گريجوئٽي، ڪميوٽيشن ۽ LPR بجيٽ رليز ڪئي وڃي ۽ فورن ادائگيون ڪيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ فنانس ڊپارٽمينٽ اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.