پ پ ڪنگري ۾ جي ڊي اي جي اهم وڪٽ ڪيرائي ڇڏي

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ڪنگري ۾ جي ڊي اي جي اهم وڪٽ ڪيرائي ڇڏي جيلاني هائوس خيرپور تي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني جي هٿ تي تعلقه ڪنگري  جي ڊي اي جو اهم اڳواڻ ڊاڪٽر منظور عباسي پنهنجي برادري دوستن ۽ ساٿين سميت پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. سيد جاويد علي شاھ جيلاني جص سياسي بسيرت مان متاثر ٿي پيپلز پارٽي ۾ اعلان ڪيان ٿو ۽ ڪنگري تعلقي ۾ پيپلز پارٽي کي اڳئي کان وڌيڪ مظبوط ڪندس ڊاڪٽر منظور عباسي کي پنهنجي برادري ساٿين ۽ دوستن سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار چوان ٿو عيد بعد پيپلز پارٽي ۾ جي ڊي اي جون ڪجھ اهم شخصيتون شامل ٿينديون-ايم اين اي جاويد علي شاھ پيپلز پارٽي هميشھ عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪئي آهي جنهن جي ڪري مخالف پارٽين جا ماڻهون پيپلز پارٽي ۾ ڌڙا ڌڙ شامل ٿي رهيا آهن-ايم اين اي جاويد علي شاھ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ برادري جي پارٽي ناهي بلڪه پوري ملڪ جي عوام جي پارٽي آهي-ايم اين اي جاويد علي شاھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان وٺي پيپلز پارٽي سان وابسطا رهياسين پر ڪجھ سببن جي ڪري پارٽي کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي ۽ هينئر ٻيون ڀيرو سيد جاويد علي شاھ جي هٿ تي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.