ڪنڊيارو ۾ قتل ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ڪنڊيارو ( ن ع آ )  ڪنڊيارو ڀرسان لاکاروڊ لنڪ روڊ تي ڦورن هٿان فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور عباس لاشاري جي تڏي جي دعا ٿيڻ بعد اڃان تائين ڦورو قاتل گرفتار ٿي ناهن سگهيا،گهر جو چرخو هلائڻ جو واحد سهارو کسجڻ بعد مقتول جو زخمي پٽ علي عباس لاشاري ۽ ٻيا گهر ڀاتي گهر جي ڇت ۽ مالي وسائل نه هجڻ سبب مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آھن، اهڙي اطلاع تي جميعت علماءِ اسلام تعلقو ڪنڊيارو جو امير مولانا محمد رمضان خاصخيلي وفد سان گڏ مقتول جي وارثن وٽ پهتو ۽ مقتول جي معصوم ٻارڙن کي سيني سان لائي انهن کي احتجاج توڙي قانوني ويڙھ سان انصاف ڏيارڻ تائين ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو،تنهن بعد وفد مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ گڏجي قاتل ڦورن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مولانا محمد رمضان خاصخيلي، مولانا عبدالسميع گهانگهرو، ثمرالله گهانگهرو،حافظ راهب راڄپر، قاري عبدالحميد منڱريو، وڏيرو لياقت لاشاري، مقتول جو ڀاءُ قاسم لاشاري، محمد ابراهيم لاشاري، حاڪم لاشاري ۽ مقتول جي پٽ علي عباس لاشاري ۽ مقتول جي ٻين وارثن احتجاج ڪندي چيو ته قاتلن هڪ شخص نه پر هڪ پوري خاندان جي ڪفالت ڪندڙ پورهيت کي قتل ڪري  هڪ خاندان جو قتل ڪيو آھي،قتل واقعي ڏينهن ڌرڻي بعد پوليس چئن ڏينهن جي مهلت ورتي هئي پر قاتل ڦورو اڃان تائين پڪڙجي ناهن سگهيا رهي ته چار ڏينهن اڳ ڪنڊيارو لاکاروڊ لنڪ روڊ تي لنڊو موري ڀرسان ڦردوران مزاحمت تي هٿياربند ڦورو ٽريڪٽر ڊرائيور عباس لاشاري کي قتل ۽ سندس پٽ علي عباس کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.