اسلام ڪوٽ جي مندر ۾روزيدارن کي افطاري ڪرائي وئي

اسلام ڪوٽ (ت ر) مذهبي روادري جي امين خطي ٿرپارڪر ضلعي ۾ هندو برادري طرفان رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ مختلف هنڌن تي افطاري جا پروگرام ڪرايا پيا وڃن 28 روزي تي اسلام ڪوٽ جي هندو نوجوان لڇمڻ پدواڻي پاران مذهبي هم آهنگي جو مثال قائم ڪندي محلي جي مندر ۾ افطاري پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ مختلف پارٽين پيپلزپارٽي،جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻن چونڊيل نمائندن سميت شهر جي سياسي سماجي معززين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان کانسواءِ شهر جي هڪ ٻئي نوجوان سيٺ راجڪمار اڻنداڻي طرفان به افطاري رکي ويئي،جنهن ۾ پڻ سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ٻنهي پروگرامن پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،پ پ ضلعي صدر انجنيئر ڳيانچند ٿاهراڻي،نندلال مالهي،سُشيل ملاڻي،سابق ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،ڊاڪٽر شنڪرلال،ڪلديپ پارواڻي،وڪيل منور ساگر،عبدالغني بجير،مبارڪ بجير،اشوڪ شرما،شاهنواز خاصخيلي،سهراب راهمون سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.