مانجهند (ن ع آ) وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ زهريلو شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو نوجوان شير محمد سولنگي بي هوش ٿي ويو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ھيلٿ سينٽر سن آندو جتي نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو وارثن موجب نوجوان سن مان منشيات جي مشھور اڏي تان شراب خريد ڪري واپرايو جيڪو زهريلو هئڻ سبب فوت ٿي ويو هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت منشيات فروشن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آھي ت ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ۾ وڏي مقدار ۾ شراب وڪرو ٿئي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آھي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڇڇر ايٽ سن ساجد ڳنڀير ٻڌايو ت مونکي اهڙي ڪابه ڄاڻ ناهي جانڇ ڪيان ٿو.