جيڪب آباد ويجهي ڦر دوران صدمي ۾ ڳوٺاڻي دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو لاش رکي احتجاج

جيڪب آباد (ڊ ر)جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد علي بروهي ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن ڳوٺاڻي قيصر سٻايو کان ھٿيارن جي زور تي ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ڦر ڪيو ته ڳوٺاڻو صدمي ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿي ويو اطلاع تي وارث پهچي ڳوٺاڻي جو لاش کڻائي سول اسپتال کڻائي آيا جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڳوٺاڻي جي وارثن ڪوئيٽا ويندڙ گاڏين جي اڏي وٽ قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي ڳوٺاڻن جي ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي يار محمد رند پهچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جو يقين ڏياريو جنهن بعد ڳوٺاڻا لاش کڻي گهر پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ان سلسلي ۾ صدر پولیس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳوٺاڻو موٽرسائيڪل ڦر جي صدمي فوت ٿي ويو آهي جلد ڦورن کي گرفتار ڪري ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.