ميرپور بٺوري لڳ جهيڙو، 5 ڄڻا رتورت

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ مامون پرهياڙ ۾  فصل ۾ چوپايو مال وڃڻ تان برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  ٻنهي ڌرين جا 5ماڻھو زخمي ٿي پيا، جن ۾ رجب علي پرھياڙ۔حسن پرھياڙ۔صديق پرھياڙ۔غلام پرھياڙ۔سلو پرھياڙ۔ شامل آهن جن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏني ويئي، انهي سلسلي ۾صحافين سان ڳالهائيندي احمد پرھياڙ ۽ مامون پرهياڙ ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان نوجوان پاڻ ۾ اٽڪي پيا جن کي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو آهي هنن چيو ته برادري سطع تي ڪوششون ڪري معاملو نبيريو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.