عمران خان جنرل باجوا خلاف اڻوڻندڙ لفظ ڳالهايا: تجزئي نگار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ جي مختلف ٿاڻن ۾ روضي’ رسول صـ جي بي حرمتي واري واقعي خلاف عقيدتمندن ۽ مختلف فرقن ۽ جماعتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ـ ملڪ جي مختلف شھرن جي ٿاڻن تي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ درخواستون ڏيڻ شروع ڪيون آھن عمران خان سميت 150 ماڻھن خلاف پھرين ايف آئي آر فيصل آباد ۾ ڪٽجي چڪي ـ ان سلسلي ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله ايڪٽوو ٿي ويو آھي ۽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو آھي ۽ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ۽ عيد کان پوء عمران خان جي گرفتاري متوقع آھي ڪيترن ئي پاڪستانين کي ان فساد جا نتيجا ڀوڳڻا پيا آھن ـ نتيجي ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين کي گرفتار ڪري هڪ سال جيل جي سزا ڏني وئي آهي، جنهن سان گڏ ڳرو ڏنڊ به ورتو ويندو ۽ سعودي عرب ۾ داخلي تي تاحيات پابندي لڳائي وئي آھي ـ سينيئر صحافي معظم فخر چيو آهي ته لڳي ٿو تـ اسٽيبلشمينٽ وٽ اڃا به عمران خان لاءِ نرم رويو آهي،عمران خان مئي مهيني ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي تـ 20 لک ماڻھو وٺي اسلام آباد پھچڻ جي دعوا ڪئي آھي ، ان مارچ جو اعلان ان ڪري بـ نا مناسب آھي ڇو ته مئي, جون ۽ جولاءِ ٽئي مهينا سخت گرمي جا آهن ۽ گرمي ۾ روڊن تي نڪرندڙ ماڻهو بيمار ٿي سگهن ٿا ۽ انهن ٽن مهينن ۾ لانگ مارچ جو اعلان عوام جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي ـان کان علاوه سينيئر صحافي معظم فخر اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته لاهور ۾ عمران خان جي صحافين سان ملاقات ۾ عمران خان پاران جنرل قمر جاويد باجوا جي خلاف جيڪي نازيبـ لفظ ڳالھايا اھي آهستـ آهستـ سامهون اچي رهيا آهن. ۽ ان ملاقات جا تفصيل ۽ منٽس جنرل قمر جاويد باجوا تائين پهچي ويا آهن ـ صحافين جي ان ملاقات ۾ عمران خان اهو به اعتراف ڪيو ته جنرل فيض حميد جي ڪري منهنجي حڪومت ساڍن ٽن سالن تائين رھي ۽ هن جي وڃڻ سان منهنجي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.