ڪراچي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ چوٿين ڏينهن به احتجاجي ڪئمپ قائم

ڪراچي (رپورٽر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، سنڌ سجاڳي فورم، ۽ کنڀي گم ڪيلن جي وارثن پاران ڪالهه چوٿين ڏينھن به شام 4 وڳي کان رات ڏھين وڳي تائين، سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻن سارنگ جويي، ۽ سھڻي جويو، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ ياسين جھلڻ، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن سائين ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءَ مارئي ڪانڌڙو پٽ شاھد ڪانڌڙي، انصاف دايي جي ڀيڻ اقصيٰ دايو، مرتضيٰ جوڻيجي جي امڙ شھزادي جوڻيجو، ڌيءَ پارس جوڻيجو، پٺاڻ خان زھراڻي جي پُٽ عرفان زھراڻي، پرويز سرگاڻي جي گھرواري صفيا سرگاڻي، ادي عائشا سرگاڻي، سجاد ٻرڙي جي ماءُ بختاور ٻرڙو، مظھر چاچڙ جي ڀاءُ رشيد سنڌي، ارسلان شاھ جي ڀاڄائي صائما، ڀائٽي، فرمان سومري جي گھرواري فردوس، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ جانب سنڌي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم رھي. ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن، کنڀي گم ڪيلن جي وارثن، ۽ قومي ڪارڪنن کي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ، بينر کنيل ھُئا، اڳواڻن، وارثن ۽ قومي ڪارڪنن ڳالھائيندي چيو ته اڄ چوٿين ڏينھن به رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج جاري رھيو پر ھن وقت تائين حڪومت جو ته ڪو عملدار نه آيو پر افسوس جي ڳالھ اھا آھي ته سنڌ جي قومپرست قيادت مان به ڪو نياڻين جي مٿي ھٿ رکڻ ۽ آٿت ڏيڻ نه آيو آھي، اسان کي قومي ڪارڪنن تي فخر آھي ته اھي پھرئين ڏينھن کان وٺي اسان سان بيٺا آھن. ھي جبري گمشدگيون انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ رياستي دھشتگردي آھي، اسان اپيل ٿا ڪيون سنڌ جي ساڃاھ کي تہ اھي ان ظلم ۽ جبر خلاف اسان جو ساٿ ڏيو ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ فيملين ۽ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور، سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ حافظ سڪندر تنيي، سنڌ سجاڳي فورم جي عھديدارن ۽ ميمبرن مجاھد سنڌي، فرحان سنڌي، محسن سنڌي، سنتوش، طالب سنڌي، ايس يو پي جي فيض، زبير ۽ شيراز صحافي دوست رزاق عاصي، مير سنڌي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.