نام نهاد جاگيرداريت جي ڪوڙھ ۾ ورتل پاڪستاني جمهوريت

تحرير: سنڌيڪار: طفيل مگسي

ڪنهن به اهڙي معاشري ۾ جنهن جون روايتون فرسوده هجن ۽ ادارا مضبوط هجن.اتي جيڪڏھن ترقي يافته سياسي ۽ معاشي نظامن کي رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهڙي معاشري منجهه اهو نظام بگڙجي ڪري نه صرف پاڻ پٺتي ڌڪجي وڃن ٿا بلڪ معاشري کي اڃان به پٺتي ڪري ڇڏين ٿا.اهائي صورتحال پاڪستان ۾ جمهوريت جي آھي.ڇاڪاڻ ته هتي جهموري نظام محض ھڪ سياسي نظام جي طور تي رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن.پر  ان سان گڏ معاشري جي سماجي.ثقافتي ۽ معاشي  ڍانچن  کي به بدلائڻ ۽ ذھني تبديلين جي ضرورت کي محسوس نٿو ڪيو وڃي.جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آھي ته پاڪستان جي جاگيرداراڻي نظام ۾ جتي جاگيرداراڻي ثقافت جون پاڙون نهايت ئي ڳوڙھيون آھن. اتي جهموري آزادي .حق.برابري ۽ فرد جي عزت ۽ احترام بجاءِ قوت ۽ طاقت، جبر ۽ تشدد تي اٿارٽي ئي مضبوط آھي ۽ جڏھن ته عوام کي مسلسل ڪمزور ڪري رهيا آھن.

هتي مان انهن اهم جاگيرداراڻين روايتن جي نشاندهي ڪندس ته جيڪي جهموري نظام ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ٿي ويون آھن.جيڪي عوام کي حڪمران طبقن جو غلام بڻايون پيون آھن.مثلا جاگيرداري ڪلچر جي هڪ اهم خاصيت سندس سرپرستي وارو نظام هوندو آھي.ڇوته ان نظام ۾ جاگيردار يا اٿارٽي وٽ سمورا وسيلا هوندا آھن.۽ ان لاءِ  انهن جو عوام.سرپرستي جي لاءِ  سندن محتاج هوندو آھي.سرپرستي جي بدلي زميندار ۽ جاگيردار پنهنجي عوام.سان وفاداري ۽ فرمانبرداري چاهي ٿو.جنهن کان بغاوت  کي نمڪ حرامي سان تعبير ڪيو ويندو آھي.

ان ڪري جهموري نظام ۾ جڏھن چونڊن جي موقعي تي جاگيردار اميدوار هوندو آھي ته هن جي سامهون عوام جي اها همت ناهي ٿيندي ته هو سندس مقابلي ۾ اليڪشن وڙھي.مقابلي جو اهو حق به مڪمل زميندار کي هوندو آھي ۽ اھي ماڻھو پنهنجي اثر ورسوخ ۽ خانداني عظمت جي بنياد تي ماڻھن کان ووٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا ۽ اھوئي سبب آھي ته پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ جاگيردارن جي حيثيت اڳواڻن واري آھي ۽ انهن جون اهي پارٽيون اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ ورهائجي وڃن ٿيون ۽ ھتي به جاگيردار ۽ هاري جو رشتو قائم رهي ٿو.

چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ  اسيمبلي جي ميمبرن ۽ وزيرن جي سرپرستي جو دائرو وڌي وڃي ٿو ۽ هر شخص پنهنجي معمول وارن ڪمن جي لاءِ  انهن جو   ٿي وڃي ٿو .مثلن جيڪڏھن ڪنهن کي اسڪول وڪاليج ۾ داخلا وٺڻي هجي.هاسپيٽل ۾ ايڊمٽ ٿيڻو هجي يا دوائون وٺڻيون هجن ملازمت حاصل ڪرڻي ھجي يا بدلي يا ترقي جو خواهشمند هجي ته انهن سڀني ڳالهين جو دارومدار هن ڳالھه  تي آھي ته ان جو ڪو سرپرست هوندو آھي يا نه.ان سبب کان قانوني ۽ اصولي طريقن کي اپنائڻ جي بجاءِ ماڻھو اسيمبلي جي ميمبرن يا وزيرن جي آفيسن جا چڪر هڻندا رهن ٿا.

ڇوته اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي به پڪ هوندي آھي ته جيتري اهي سرپرستي ڪندا.انهيءَ قدر ماڻھن ۾َ انهن جو اثرورسوخ وڌندو.ان ڪري انهن جي اها ڪوشش ھوندي آھي ته انهن جا اختيار مسلسل وڌندا رهن ۽ انهن جي طاقت ۾ برابر واڌارو ٿيندو رهي.

اهوئي سبب آھي ته اسان وٽ اسيمبلي ميمبرن جي سهولتن جو واقعي واڌارو ٿي رهيو آھي.مثلن اهو ته هاڻي اهي موج مستي ۾ آھن.ڇوته   انهن کي پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ  الڳ فنڊز ملن ٿا ۽ ان ريت سان انهن سان گڏ سندن جينوڪرين ۾ به  ڪوٽا مقرر آھي.

سرپرستي جي ان نظام جو هڪ نتيجو ته اهو نڪري ٿو  ته ماڻھن ۾ حڪومت ۽ ان جي ادارن جو احترام ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ان جگه تي اسيمبلي ميمبرن جي عظمت ماڻھن جي دلين ۾ ويهي وڃي ٿي.ڇوته کين کي صاف ڏيک ڏيئي ٿو ته انهن جي ذاتي ڪمن کان وٺي ڪري علائقي جي ترقي جو دارومدار سندن ذات تي آھي.جڏھن ته ان جو ٻيو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ماڻھو پنهنجا حق نٿا گهرن بلڪ ان جي جاءِ تي درخواستون ڪن ٿا.مثلا تعليم.صحت ۽ ملازمت هر شھري جو بنيادي حق آھي.پر  سرپرستي جي نظام کان ٻاھر آھي ته ان جي لاءِ  معاشري ۾ زنده رهڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.ڇوته اهو پنهنجي صحت .لياقت.ڏاھپ۽ ايمانداري جي بنياد تي ڪجهه  به حاصل نٿو ڪري سگهي..ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ انهن صفتن ۽ خوبين جي ڪا اهميت ناهي بلڪ انهيءَ جڳه چمچاگيري.سفارش ۽ رشوت وٺي ڇڏي آھي.

سرپرستي .اثر رسوخ ۽ اختيارن جي استعمال سبب اصل اقتدار ۽ عوام ۾ مفاصلا وڌي وڃن ٿا.انهيءَ لاءِ  اسان جا وي آءِ پي.آءِ پي جي ذريعي اهم ماڻھن کي عوام کان الڳ ڪيو وڃي ٿو.۽ اسان جي روزمره زندگي ۾ ان فرق کي محسوس ڪيو وڃي ٿو ۽ اھي اهڙا بنياد آھن.جيڪي برابري.ٻڌي ۽ آزادي جي قدرن کي جيڪي جمهوريت  جا اهم ترين بنياد آھن.انهن کي ختم ڪن ٿا ۽ عوام کي ذھني طور تي گهٽ ۽ نيچ بڻائي ڪري رکڻ چاهين ٿا.

جيتوڻيڪ جاگيرداراڻي جهوريت ۾ قانون جي بالادستي جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو بلڪ ان جڳهه قانون جي مخالفت يا قانون جي ڀڃڪڙي اسان جي حڪوران طبقن جو روزاني وارو معمول بڻجي وڃي ٿو.ٽريفڪ لائسنس جي ڀڃڪڙي کان وٺي قتل ۽ اغوا جي ڏوهن تائين انهن کي آزاد ۽ ڇيڪ ڇڏيو وڃي ٿو.

ان جاگيرداراڻي جمهوريت  جي دور جي هڪ اهم خاصيت اها آھي ته ان ۾ عورتن جي خلاف ڏوھن جو انگ وڌي وڃي ٿو.عورتن جو اغوا.انهن جي عصمت جي ڦرلٽ.جاگيرداراڻي ڪلچر ۾ عام ٿي وڃي ٿو.ان جو مثال هن دور ۾ پڻ ملي رهيو آھي.جنهن جو واحد سبب اهو هوندو آھي ته جڏھن جاگيردار جي هٿ ۾ سياسي طاقت اچي ٿي ته حڪومتي ادارا سندن رحم وڪرم تي هوندا آھن.۽ انهن جي مدد سان اهي نه صرف ڏوھن جي سرپرستي ڪن ٿا بلڪ انهن حڪومتي ادارن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ  پڻ استعمال ڪن ٿا..

اهي ئي جاگيردار جڏھن اسيمبلين ۾ هوندا آھن ته انهن جي ڪوشش ھوندي آھي ته جيڪو ان عمل جي مخالف جن سان معاشري ۾ ترقي ۽ تبديلي ٿي سگهي .اهي جهموري ادارن ۽ روايتن کي پنهنجي مقصد جي لاءِ  استعمال ڪن ٿا.۽ اھڙو قانون ٺاھين ٿا.

ته جن جي ذريعي انهن جو تسلط اڃا مضبوط ۽ معاشرو وڌيڪ پوئتي ٿيندو وڃي ٿو.اهوئي سبب آھي ته اسان جي اسيمبلين ۾ اڄ تائين اهي قانون پاس ناهن ٿيا ته جن جي ذريعي عوام جي حالت کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ملڪ کي جديديت ڏانهن وٺي وڃجي.ان جي لاءِ  احمدين کي غير مسلم قرار ڏئي ڪري شريعت وحدن جي قانون کي لاڳو ڪري معاشري کي وڌيڪ ٽڪر ٽڪر ڪري ان کي پٺيان ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آھي.

ان کانسواءِ جاگيرداراڻي ڪلچر ۾ برداشت جي سگهه جو فقدان هوندو آھي.جيڪا هڪ اهم جهموري روايت آھي.ان ڪري جيڪو به طاقت ۾ ھوندو آھي اهو حڪومت کي پنهنجي ذاتي مقصدن جي لاءِ  استعال ڪري پنهنجن مخالفن کي قيد وبند جون اذيتون ڏئي ڪري خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ان جي ذريعي هر مخالف کي پنهنجو دشمن سمجهي ۽ ان کي ڏاڍ.جبر ۽ تشدد جي وسيلي ختم ڪرڻ چاهي ٿو.

ان جو نتيجو اهو هوندو آھي \ نڪرندو آھي ته جمهوريت ۾ جهموري ادارا جاگيردارن جي هٿن ۾ اهڙا موثر هٿيار بڻجي وڃن ٿا ته جن کي استعال ڪري اهي پنهنجي طاقت واثر رسوخ کي اڃا وڌائين ٿا ۽ فرسوده روايتن کي قانوني شڪل ڏئي ڪري انهن کي نافذ ڪن ٿا.اهوئي سبب آھي ته هڪ اهڙي ماحول ۾ ترقي پسند.روشن خيالي رکڻ وارن جي لاءِ  ڪا جڳهه باقي نٿي رهي.جاگيرداراڻي جمهوريت  ۾ عوام ۽ چونڊيل ادارن ۾ جيڪو فرق ۽ ڏوري ٿي وڃي ٿي ان جو سبب جيڪڏھن ڪڏھن آمريت يا مارشل لا جي خلاف تحريڪ هلائي وڃي ٿي ته ان ۾ ڪاميابي جا امڪان ان ڪري گهٽ ٿي وڃن ٿا ته حڪومت جي بدلڻ سان گڏ ئي جاگيردار نمائندا پنهنجيون وفاداريون بدلائي ڇڏين ٿا.ڇوته انهن منجهان تمام گهٽ آھن .جيڪي پنهنجين سهوليتن ۽ آسائشن کي خطرن ۾ وجهڻ جي همت رکندا هجن جاگيردار خاندانن جون وفاداريون بدلائڻ جي سبب کان اسان جي سياسي نظام.۾ ڪو استحڪام پيدا نه ٿيو.ڪنهن سياسي پارٽي کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ نه ٺاهڻي پئي ۽ سياسي اڳواڻن جو ڪمنٽ منٽ ماڻھن جي بجاء اقتدار سان رهيو.اهوئي سبب آھي ته رشوت.جبر .ڏاڍ .طاقت .لالچ جي بنيادن تي دقيانوسي پارٽي اڪثريتي پارٽي بڻجي وڃي ٿي ۽ حڪومت ڪري ٿي.

جاگيرداراڻي جمهوريت  ۾ ڪنهن احتساب جي ضرورت ناهي هوندي ڇاڪاڻ ته احتساب اتي هوندو آھي جتي ووٽ ڏيڻ واري جي اهميت هوندي آھي.جتي ووٽرن ۽ اميدوارن ۾ برابر جا لاڳاپا  هوندا آھن.پر  جتي حڪمران ۽ عوام سان گڏ رشتا هجن.اتي اڳواڻن کان سوال پڇڻ جي ڪنهن کي همت ٿي سگهي ٿي.

ان لاءِ  اسان جي جاگيرداراڻي جمهوريت  ۾ خاندانن جو اثر رسوخ آھي ۽ چند خاندان جمهوريت  تي قبضو ڪيون  ويٺا آهن.انهن جي ئي ذاتي مفادن جي تحت ملڪ جون پاليسيون ٺھن ۽ ڊھن ٿيون.ان لاءِ  جڏھن به زرعي انڪم ٽيڪس جو سوال اچي ٿو ته اهل اقتدار  ۽ مخالف سڀ ان جي مخالفت ۾ ھڪ ٿي وڃن ٿا.

ان ڪري جيڪڏھن اسان اهو خيال ڪريون ته جمهوريت اسان جي سمورين بيمارين.خرابين ۽ مسئلن جو حل آھي. ته اها اسان جي غلط فهمي آھي.ڇوته جمهوريت  محض ھڪ سياسي نظام ناهي جنهن جا ادارا معاشري جي سمورن مسئلن کي   ان جو تعلق معاشري جي ذھن سان به آھي ۽ اھو ذھن انهيءَ وقت بدلبو جڏھن ملڪ جون معاشي ۽ سماجي حالتون بدلبيون.ڇوته ان وقت تائين جن ملڪن ۾ جهوريت هڪ ڪامياب سياسي نظام جي طور تي قائم هوندي آھي.اتي سڀ کان اڳ جاگيرداري جو خاتمو ٿيو.ان کانپوءِ  ئي ملڪ ۾ تعليم پکڙي ۽ صنعتي ترقي ٿي ۽ ان نتيجي ۾ جهموري قدرن کي سگهھ ملي.

ان ڪري جمهوريت  جي بقا ۽ ان جي زندگي ان ۾ آھي ته ماڻھن ۾َ شعور ۽ تعليم هجي.۽ اھو تڏھن ئي ممڪن آھي ته جنهن جاگيرداراڻي ثقافت ختم ٿيئي.جيڪڏھن معاشي ۽ سماجي تبديلين جي بنا جمهوريت  کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو نظام جاگيردارن ۽ ان جي ثقافت کي مضبوط بڻائي ڪري ملڪ کي اڃا به پٺتي ڪندي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.