پي ايس ايل 8 ۾ شهرن جو دائرو ۽ دورانيو به وڌائڻ جو فيصلو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اٺين سيزن لاءِ تجويز ڪيل معاملا طئي ٿي ويا آهن، ايونٽ ايندڙ سال 15 فيبروري کان 31 مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو.

پي سي بي ذريعن موجب پي ايس ايل جون ميچون هن ڀيري چئن شهرن ۾ کيڏيون وينديون، ڪراچي ۽ لاهور کانپوءِ ملتان ۽ راولپنڊي کي به ايونٽ جي ميزباني لاءِ فائنل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب نيوزيلينڊ کي جنوري 2023 ۾ ٻن ٽيسٽ ۽ هڪ وائيٽ بال سيريز لاءِ دورو ڪرڻو آهي، جنهن کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان ايندي.

پي ايس ايل نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي سيريز کان فوري پوءِ ٿيندي، ٽورنامينٽ جو وقت وڌيڪ رکيو ويو آهي ته جيئن 4 شهرن ۾ ٽيمن جي اچ وڃ کي نظر ۾ رکندي شيڊيول کي آسان بڻائڻ ۽ رانديگرن کي مناسب آرام فراهم ۾ مدد ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.