اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي لوڊشيڊنگ جي ستايل عوام لاءِ سٺي خبر اها آهي ته حڪومت عيدالفطر جا 3 ڏهاڙا بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ پاور ڊويزن ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کان بجلي جي گهرج ۽ پهچ جا تفصيل گھريا ويا آهن.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پاور ڊويزن پاران سمورين پاور جنريشن ڪمپنين کي گھربل تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ گرمي ۾ واڌ سان گڏ ئي لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.