سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ موجود 3 ارب ڊالرن جي واپسي جو مدو وڌائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي عرب دوري جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي.

پڌرائي موجب سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ موجود 3 ارب ڊالر جي واپسي واري مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ سعودي سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل تحت مختلف معاملن تي ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن جو واپار کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ٿيو، پاڪستان پاران سعودي عرب جي ڀرپور سهڪار کي ساراهيو ويو، ٻنهي ملڪن جو خانگي شعبي ۾ به تعاون تي اتفاق ٿيو.

پڌرائي موجب ٻئي ملڪ زراعت ۽ خوراڪ جي شعبن ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪندا، ٻنهي ملڪن ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻنهي ملڪن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان جي معاشي مدد جي طور تي پيٽرليم جي فنانسنگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پاڪستان سعودي گرين ۽ مڊل ايسٽ گرين منصوبن ۾ سهڪار جي آڇ ڪئي.

ٻنهي ملڪن سياسي تڪرارن جي حل کي ترجيح ڏيڻ جو عزم ورجايو، پاڪستان سعودي عرب فلسطين ڪاز تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، فلسطين جي اسٽيٽس ۽ عرب قوم ۾ ان جي اسلامي سڃاڻپ قائم رکڻ تي زور ڏنو ويو، پاڪستان ۽ سعودي عرب شام جي بحران جو حل عوام جي خواهشن موجب ڳولڻ تي زور ڏنو.

ٻنهي ملڪن عراق جي استحڪام ۽ جاگرافيائي سلامتي جي حمايت تي به زور ڏنو، پاڪستان ۽ سعودي عرب افغانستان جي سر زمين دهشتگرد گروهن کان محفوظ بڻائڻ تي به زور ڏنو، افغان عوام جي امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.