حڪومت جو عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مسجد نبوي صه واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جو واضح اشارو ڏئي ڇڏيو.

هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻ سڳورن صه جن جي روضي تي اهڙو عمل ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي، جيڪو به شهري ڪارروائي لاءِ ايندو، حڪومت رنڊڪ نه بڻجندي.

هن چيو ته باقاعدي طور رٿابندي سان ماڻهن کي اڪسايو ويو، ڪجهه ماڻهو برطانيا مان انيل مسرت ۽ صاحبزادي جهانگير جي سربراهي ۾ سعودي عرب آيا، انهن ماڻهن جيڪو عمل ڪيو، ان تي قطعي معافي نه ڏني ويندي.

راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف چيئرمين کي فتنو قرار ڏيندي چيو ته بلڪل کيس گرفتار ڪيو ويندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڇا ڪڏهن ڪنهن چنڊ رات تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ماڻهو عيد جي رات هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن، هي شخص نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سعودي عرب ڪجهه ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

شيخ رشيد بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته سياست کي مسجد نبوي صه تائين کڻي وڃڻ جو تصور ڪير به نٿو ڪري سگهي، هي چريو انسان اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو آهي، گفتگو ۽ پريس ڪانفرنس ڏسي سگهو ٿا، شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڇا ڪنهن ثبوت جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.