ٽنڊي الهيار جي شاخ ۾ پاڻي کوٽ، آبپاشي عملدارن خلاف ڌرڻو

ٽنڊوالهيار  (ڊ ر) نصير واھ مان نڪرندڙ لانڍي ٽو شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سردار شاهنوار لغاري, ڏاڏا علي نواز لغاري,مختيار لغاري   ايڊووڪيٽ عبدالغفار لغاري  مظفر لغاري جي اڳواڻي ۾ لانڍي ٽو شاخ جي منڍ ۾ سوين آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔  مظاهري ۾ شامل آبادگارن پاران آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي۔ انهي موقعي تي اڳواڻن آبپاشي عملدارن تي الزام لڳائي چيو ته آبپاشي عملدار مبينه طور پاڻي وڪرو ڪري پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري رهيا آهن هنن چيو ته شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ مال وند ماڻهو به سخت پريشان آهن۔ هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور تي لانڍي ٽو شاخ تي هٿرادو پيدا ڪيل پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.