ڪورنگي ۾ هٿياربندن جي عوامي آواز رپورٽر کان ڦر

ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي ۾ گهٽي مان ڦر جا واقعا وڌي ويا، روزاني عوامي آواز اخبار جي ڪورنگي رپورٽر اميرجان چانڊيو کان ڦر.  ڪورنگي ۾ امن بحال نه ٿي سگهيو  پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل روزانو ڦرين ۾ واڌ شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ پوليس ناڪام ٿي وئي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ناصر جمپ کان ٻه موٽرساڪيل سوار هٿيارن جي زور تي عوامي آواز جي رپورٽر اميرجان چانڊيو کان موبائل فون ۽ روق رقم ساڍا 6 هزار روپيه ڦورو فر ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن رپورٽر پاران زمان ٽائون ٿاڻي تي ڦر جي درخواس جمع ڪرائي پر پوليس کان ڪا به موٽ نه ملي سگهي هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ هن معاملي جو نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف قانوني  ڪاروائي ڪري ۽ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.