ڪنڌڪوٽ ۾ مغوي شاگرد جي آزاديءَ لاءِ استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ کان اوٻاوڙو دوستن ڏانهن ويندي اغوا ٿي ويل اٺين ڪلاس جو شاگرد امانت علي سهرياڻي جي بازيابي لاءِ  مهراڻ هاءِ اسڪول جي استادن ۽ سوين شاگردن سميت مغوي جي وارثن هٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي استاد جميل احمد سهرياڻي، استاد محمد پڃل شيخ، مغوي جي ڀاءُ محمد اسلام سهرياڻي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم شاگرد کي ست ڏينهن اغوا ٿئي ٿي ويا آھن پر گهوٽڪي ضلعي جي پوليس ڪنهن به قسم جا ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آھي مغوي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي هنن چيو ڌاڙيلن پاران مغوي جي فون تان پنجاه لک ڀنگ طلب ڪيو آھي جنهن جي ڏيڻ جي اسان ۾ سگھه نه آھي.  اسان جي مغوي کي 24 ڪلاڪن ۾ بازياب نه ڪرايو ته گهوٽڪي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻداسين جيڪو مغوي جي بازيابي تائين جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.