ڪنڌرا لڳ چلهه جي چڻنگ مان باهه، 25 ڳئون سڙي رک

سکر (رپورٽ: آزاد مهر) ڪنڌرا لڳ گوٺ پنجو مھر ۾ سائين ڏنو مھر ۽ اول خان مھر جي گھر ۾ چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي باھ لڳڻ  سبب 25 ڳئون سڙي رک جڏنھن ته 15 ڳئن جو اڌ کان وڌيڪ حصو سڙي ويو. باھ جا شعلا ڏسي آس پاس جي علائقي جا  رھواسين پھچي پنھنجي مدد پاڻ تحت 2 ڪلاڪن کان بعد باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو فائر برگيڊ عملي ۽ ڪنڌرا ٽائون کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه پھتي. باھ متاثر سائين ڏنو مھر ڳالھيندي چيو ته مسڪين آھيون سڀ ڪجھ سڙي رک ٿي ويو آھي ھن محل تائين ڪو به سياسي سماجي اڳواڻ لڙي نه آيو آھي وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته جائزو وٺي مالي سھائتا ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.