ميهڙ ۾ سول سوسائيٽي جو شاگرد کان ڦرلٽ واري واقعي خلاف احتجاج

ميهڙ ۾ سول سوسائيٽي پاران شاگرد کان ڦرلٽ واري واقعي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

سول سوسائيٽي جي ماڻهن شاگرد اڳواڻ عمران ابڙي، علي اڪبر سومرو، اعجاز بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي بي ڌياني سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي جنهن ڪري شهرين جي جان ۽ مال غيرمحفوظ بڻيل آهي.

سندن چوڻ هو ته هڪ هفتو اڳ نوجوان شاگرد اوشاق علي سومرو کان راڌڻ روڊ تان 3 ھٿياربند موٽرسائيڪل، روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگھي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شهر ۾ امن امان جي صورتحال يقيني بڻائي شاگرد کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.