بيلي ڊانسر سان وڊيو سامهون اچڻ تي ٻه ڳائڻا جيل ڀيڙا

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي هڪ عدالت ٻن مصري ڳائڻن کي هڪ برازيل جي بيلي ڊانسر سان وڊيو ٺاهڻ تي جيل موڪلڻ جي سزا ڏئي ڇڏي.

ٻن مصري ڳائڻن برازيل جي بيلي ڊانسر سان وڊيو ٺاهي جنهن ۾ ڳائڻن کي هڪ گاني تي چپ چوريندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته پورا ڪپڙا پهريل ڊانسر رقص ڪري رهي آهي.

اها وڊيو 2020 ۾ يوٽيوب تي هٽ ٿي هئي ۽ هن کي 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن ڏٺو آهي.

الاسڪندريه ۾ هڪ عدالت ان کي خانداني قدرن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي جڏهن ته وڊيو مان منافعو ڪمائڻ وارو الزام به لڳايو ويو آهي.

ڳائڻي حمو بيڪا ۽ عمر ڪمال کي هڪ سال قيد ۽ 10 هزار مصري پائونڊ ڏنڊ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته هو ٻيڻي رقم ڏيندا ته سندن جيل جي سزا ختم ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.