حمزا شهباز جي جهانگير ترين سان ملاقات، سهڪار تي ٿورائتو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزيرر حمزا شهباز پي ٽي آءِ ترين گروپن جي سربراهه جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جهانگير ترين جي صحت معلوم ڪئي ۽ سندس صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پنجاب جي وڏي وزير ۽ جهانگير ترين جي ملاقات ۾ ترين گروپ جا اسيمبلي ميمبر به شامل هئا، جڏهن ته (ن) ليگ جي طرفان عطا الله تارڙ ۽ اويس لغاري موجود هئو.

ان موقعي تي حمزا شهباز سياسي سهڪار تي جهانگير ترين گروپ جو ٿورا مڃيا.

پنجاب جي وڏي وزير ۽ جهانگير ترين جي ملاقات ۾ پنجاب جي حڪومت سازي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.