شگر تيزيءَ سان پکڙجڻ جو سبب سامهون اچي ويو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به شگر ٽائپ 2 جا مريض تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ ان جو هڪ وڏو سبب سامهون اچي ويو آهي.

اصل ۾ فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽس ويجهو رهائش شگر ٽائپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائي ٿي.

اها دعويٰ برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

امپيريل ڪاليج بزنس اسڪول جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي ڀرپاسي جو غذائي ماحول خوراڪ جي چونڊ ۽ ٿولهه تي اثرانداز ٿئي ٿو پر ان کان اڳ ترقي پذير ملڪن ۾ ان بابت گهڻو ڪم ناهي ٿيو.

ان مقصد لاءِ محققن ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن جي رهواسين جي غذا ۽ شگر يا بلڊ شگر جي ڄاڻ گڏ ڪري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي.

اهو دريافت ڪيو ويو ته ڪنهن فرد جي گهر ويجهو فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽس جو انگ وڌيڪ هجڻ تي شگر جي سڃاڻپ جو امڪان 8 سيڪڙو وڌي وڃي ٿو.

تحقيق موجب گهر ويجهو هڪ فاسٽ فوڊ مرڪز هجڻ تي به بلڊ گلوڪوز ۾ 2.14 ايم جي/ڊي ايل واڌ ٿئي ٿي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورتن ۽ وڌيڪ ڪمائڻ وارن ماڻهن ۾ هاءِ بلڊ شگر جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.

محققن چيو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن نتيجن جي تصديق سان گڏوگڏ اهو ڄاڻي سگهجي ته غذائي ماحول ڪهڙي حد تائين ماڻهن جي خوراڪ ۽ صحت تي اثرانداز ٿئي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.