عيد تي قيدين جي سزا ۾ 90 ڏينهن گهٽتائي جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت عيدالفطر جي موقعي تي قيدين کي سزا ۾ 90 ڏينهن جي خاص معافي ڏئي ڇڏي.

گهرو وزارت طرفان چئني صوبن توڙي گلگت بلتستان جي هوم ڊپارٽمينٽ کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته صدر پاڪستان جي اختيارن آرٽيڪل 45 تحت سڄي ملڪ جي جيلن ۾ قيدين کي 90 ڏينهن جي معافي ڏني وڃي.

معافي جي اها پاليسي عمر قيد جي جوابدار لاءِ به هوندي، سزا جو ٽيون حصو مڪمل ڪندڙ 65 ورهين کان وڌيڪ عمر جي مردن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن تي پاليسي لاڳو ٿيندي.

سزا جو ٽيون حصو مڪمل ڪندڙ 18 ورهين کان گهٽ عمر جي جوابدار کي به معافي ملندي پر غداري، رياست مخالف قدمن، فرقيواريت جي جوابدارن کي سزا نه ملندي.

مالي فراڊ ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ جوابدارن تي به اها پاليسي لاڳو نه ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.