ڪراچي ۾ نينگر جي قتل ۾ 2 جوابدار گرفتار

گلشن اقبال (ن ع آ) ڪراچي ۾ 11 ورهين جي معصوم نينگر نعمان کي گھٽا ڏئي قتل وارو معاملو۔ سهراب ڳوٺ ٿاڻي تي مالڪ مڪان مختيار احمد تنيو سميت ٽن اڻڄاتل ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو۔ انويسٽيگيشن ون ايسٽ ايس آءِ او سهراب ڳوٺ پوليس منظور لاشاري ۽ سندس ٽيم ڪامياب ڪارروائي ڪري جوابدارن مختيار احمد ۽ گلزار کي گرفتار ڪري ورتو.جوابدارن تي عمران جي پٽ نعمان کي گھٽه ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام آهي. ٻئي طرف مختيار احمد ۽ گلزار جي ڀاءُ ممتاز تنيو۔ اختياراختيار تنيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم ٻارڙي جي قتل تي کين تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.اسين ھن واقعي جي مذمت ڪريون ٿا.ھنن چيو ته ھو ڪاروباري ماڻهو آهن۔ هن چيو ته ھو سائينداد ڳوٺ ۾ ويھ سالن کان آباد آھن سندن جو معصوم ٻارڙي جي قتل سان ڪوبه تعلق ناھي، اسان کي سازش تحت ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،سائينداد ڳوٺ۾ اسان جا گهر ڪرائي تي ڏنل آھن سوين فيمليون سندن وٽ رھائش پذير آھن، ھنن چيو ته ھو ڪاروباري ماڻھو آھن، فيڪٽرين ۾ محنت مزدوري ڪندا آھن بيگناھ اسان جي ڀائرن مختيار علي ۽ گلزار تنيو کي گرفتار ڪيو ويو آھي، پورو محلو اسان جي بيگناهي جي گواھي ڏيندو، ان موقعي تي علائقي واسين ايوب گاڏھي، قاري فيض۔  گلاب کوسو۔ حسمت اللھ ۽ ٻين چيو ته ھو سالن کي ھن ڳوٺ ۾ رھائش پذير آھن، الزام ھيٺ گرفتار مختيار علي ۽ گلزار تنيو جو تعلق ھڪ شريف خاندان سان آهي. کين ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري بيگناھ گرفتار ٿيل مختيار علي ۽ گلزار تنيو کي آزاد ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.