مقصودي رند ۾ پاڻي کوٽ، فصل سڪڻ لڳا، احتجاجي مظاهرو

مقصودو رند (ن ع آ) مقصودو رند لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن جو  نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا زوردار نعرا  خبر موجب مقصودو رند  لڳ لنڊو شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن سجاد آرائين ، شير زرداري ، عثمان راجپوت، باغ زرداري ، گڊو جکرو جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن جي نااهلي سبب اسان جي لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنھن ڪري اسان وونئڻن جو فصل ناھي ڪاھي سگھيا ۽ جيڪو ڪجھ ڪاھيو آھي سڪي سڙي ويو آهي ۽ ايريگيشن وارا رڳو ھڪ ھفتو مسلسل شاخ ۾ فل پاڻي ڇڏين ته اسان پنھجا فصل ڪاھي سگھون پر شاخ ۾ پاڻي ايترو ڇڏيو ويندو آھي جو واٽر ڪورسن تائين نه ٿو پھچي مطلب شاخ ۾ پاڻي نه ھئڻ برابر ڇڏيو ويندو آھي پاڻي نه ھئڻ ڪري اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آھن فصل تباھ ٿي ويا آھن ۽ چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي جنھن سبب اسان کي لکين رپين جو مالي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي اپيل آھي سنڌ سرڪار ۽ ٻين اعلا اختيارين کي ته اسان جي شاخ م پاڻي ڇڏيو وڃي ته اسان فصل ڪاھي سگھون ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.