قومپرستن جي گرفتارين خلاف بٺوري ۾احتجاج

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو) جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري جي گرفتاري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور سميت جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل، سورھيه سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سن مان واپس موٽندڙ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف ميرپور بٺوري ۾ قومپرست ڪارڪنن طرفان صوفي شاھه عنايت شهيد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري کي خطاب ڪندي قومي پارٽي جي اڳواڻ قادر بخش زئور، جسقم اڳواڻ غفور چانگ، جسم جي نعمان شورو، جيئي سنڌ تحريڪ جي امام بخش خاصخيلي چيو ته سن سنڌ جو سياسي مرڪز آھي، جنهن سان ڪارڪنن جي محبت کي ڏاڍ جي زور تي ختم ڪري نه ٿو سگهجي. هنن چيو ته سيد جي ورسي جي پروگرام تان واپسي ۾ سوين ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا ويا آهن ۽ پرامن سياسي ورڪرن سان غير اخلاقي سلوڪ ڪيو ويو، جڏهن ته پرامن سياسي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪرڻ وارا عمل بند ڪيا وڃن. هنن وڌيڪ چيو ته نواز خان زئور، سورھيه سنڌي ۽ ارباب ڀيل سميت سمورن اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ اسلم خيرپوري، ڊاڪٽر نظير کوکر اسلم خاصخيلي ۽ ٻين کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته اسان سيد جي عدم تشدد واري فڪر تحت پرامن سياست ڪريون ٿا. اسان پنهنجي وطن جي ڳالهه ڪندا رهنداسين. ڪوڙا ڪيس فڪر سيد تان ھٿ نٿا کڻائي سگھن. سنڌ جي خوشحالي، آزادي ۽ شاندار مستقبل جي حاصلات لاءِ پرامن سياسي جدوجھد جاري رکنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.