چئُه! جو توکي چوڻو آ……

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شھر

هردفعي ڪڙي گوري کائڻ جو ٺيڪو عوام ئي کنيو آھي ڇا ؟

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آھي ۽ هڪ اهڙي خطي تي ٻڌل آھي جتي انساني گهرجن واريون تقريبن ھر شيون قدرت اسان کي وافر مقدار ۾ مهيا ڪري ڏنيون آھن، پاڪستان جي مختلف علائقن مان تيل، گيس، معدنيات پتل، ٽامو، سون، ڪوئلو، لوڻ وغيره نڪري ٿو جڏهن ته اسان جي پاڪستان جي زمين به ايتري ته زرخير آھي جو ان زمين ۾ جيڪو فصل پوک اهو ٿيو وڃي ٿو جيئن ڪڻڪ، ڪپهھ، ڪمند، هرقسم جون ڀاڄيون، هر قسم جو ميوو وغيره وافر مقدار ۾ پوکجي ٿو پاڪستان کان علاوه وري اسان ڪنهن ٻين ملڪن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته اتي ضرورت واريون ڪجھه شيون ٿين ٿيون ته کوڙ ساريون اهي ملڪ ٻين ملڪن مان گهرائين ٿا پر ان هوندي به ٻيا ملڪ اسان کان هر لحاظ کان خوشحال، ترقي يافته ۽ سکيا آھن جڏهن ته اسان جي ملڪ جو عوام سدائين سورن تڪليفن دردن ۾ مبتلا آھي.

پاڪستان ٺهڻ کان هن مهل تائين گذريل 75 سالن ۾ جيڪو حڪمران ملڪ جون واڳون سنڀالي ٿو ان جو پهريون بيان اهو هوندو آھي ته گذريل حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي وئي آھي ان ڪري ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ  عوام کي ڪڙي گوري کائڻي پوندي ۽ عوام کي ملڪ جي لاءِ  قرباني ڏيڻي پوندي ۽ عوام قرباني جي لاءِ  تيار رهي ۽ بدقسمتي سان عوام جي هر دفعي ڏنل قربانين باوجود اڄ به اسان جو پيارو پاڪستان بدحالي جو شڪار لڳو پيو آھي بلڪه پهريان کان به وڌيڪ بک بيروزگاري ۽ ٻيون تڪليفون ايڏيون ته وڌي ويون آھن جو پاڪستان دنيا اندر بدترين پاسپورٽ رکندڙن چند ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آھي ۽ پاڪستان جو سڪو ڏينهون ڏينهن هيٺ ڪرندو ٿو وڃي ۽ عوام سخت ترين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آھي

جڏهن ٻئي پاسي ڏسبو ته ملڪ جي حڪمرانن جا بئنڪ بئلنس، جائدادون، مال ملڪيتون روز بروز وڌنديون پيون ٿيون وڃن ملڪ جي حڪمرانن جي ملڪيتن ڏانهن نظر ڪنداسون ته انهن وٽ شروعات ۾ جيڪي ملڪيت هئي هاڻي انهن وٽ اهي ايتريون ته وڌي ويون آھن جو خود انهن کي به خبر ناهي ته اسان وٽ ڪيتري ملڪيت موجود آھي جڏهن ته ٻين ملڪن جي حڪمرانن جي حڪمراني کان پهريان ۽ بعد ۾ ملڪيتن ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته اهي پهريان کان گهٽ مال ملڪيتن جا مالڪ رهيا آھن پر اسان پاڪستان جا حڪمران ”دن دگني رات چؤگني“جي پهاڪي مطابق وڏي ترقي ڪري آمريڪا، يو ڪي ، دبئي، ۽ ٻين ملڪن ۾ وڏيون وڏيون جائدادون ٺاهي ويا آھن جنهن جو ثبوت انهن جي نالي سان آف شور ڪمپنيون موجود آھن ته پوءِ  سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته جڏهن ملڪ جو عوام بک بدحالي جو شڪار آھي ته پوءِ  هي ڪيئن ٿا لک پتي مان ارب کرب پتي ٿين؟

ان جو سڌو ۽ سؤلو جواب اهو آھي ته اهي حڪمران عوام جي مليل ٽئڪسن جي پئسن، ملڪ جي ترقي جي نالي تي ورتل قرضن ۽ ٻين ملڪن مان مليل امداد جا پيسا هڙپ ڪري پنهنجا کيسا ڀرين ٿا ۽ عوام کي سدائين ڪڙي گوري کائڻ جو چئي ۽ ان جو عادي بڻائي پاڻ خوشحال ترين ٿيندا ٿا وڃن ۽ عوام ويچارو سدائين سورن تڪليفن ۾ مبتلا هجڻ سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ اليڪشن ۾ عوام کي اٽو، لٽو، اجهو روزگار ڏيڻ جا وعده ڪري پاور ۾ اچي پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا اسان ٻين ملڪن کي ڇڏيون رڳو بنگلاديش جنهن پاڪستان کان آزادي ورتي آھي اهو به اسان کان خوشحال بڻجي ويو آھي اتي سئو سيڪڙو تعليم آھي ۽ انهن جو سڪو جنهن کي ٽڪو چوندا آهن اهو ڏينهون ڏينهن مستحڪم ٿيندو ٿو وڃي ان جي لاءِ  اسان جي خوشحال ملڪ جي بدحال عوام کي ڪجهھ سوچڻو پوندو ۽ اليڪشن جي ٽائيم پنهنجي ووٽ جو استعمال سوچي سمجهي ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجا نمائنده اهڙا چونڊڻا پوندا جيڪي اسان مان هجن جيڪي رڳو سڻڀا نعرا نه ڏين بلڪه عملي قدم کڻي اسان جي بدحال زندگي کي خوشحالي ۾ تبديل ڪن ۽ گذريل 75 سالن ۾ پاڪستاني عوام سان جيڪي راند کيڏي وئي آھي اها بند ڪرائڻ لاءِ  عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو نه ته اسان جو ايندڙ نسل به اسان وانگر هنن ڪرپٽ حڪمرانن ۽ انهن جي آقائن جو غلام بڻجي اڃان به وڌيڪ بدحالي واري زندگي گذاريندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.