ککر  ۾  کڙو

محمد هاشم چانڊيو

کڙي کي ڀتر، ڊل ۽ ڊوخ چئبو آهي، ڀتر يا ڊل جو وزن آني کان اڌ پاءُ ٿئي ٿو، پر ڊوخ جو وزن پاءُ جي لڳ ڀڳ ٿيندو، کڙي جو وزن اڌ ڪلي کان ڪلو ٿئي ٿو. مون هي موضوع وزنائتو ۽ مختصر رکيو آهي.

حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪيان ذري،

لڳي ماٺ مڙن کي، ڏونگر پون ڏري،

وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀري ڪين ڪي.

هن ليک جو موضوع آهي غيبي گهراڻو. آدم، اسحاق ۽ مارف ٽي ڀائر هيا، جيڪي بلوچستان ۾ رهندا هيا. آدم خان ڪن مجبورين تحت اتان ايترو ته قرض کنيو جو کيس ڀرڻ جي سگهه ئي نه رهي. هن اتان لڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتان ماڻهن کيس روڪي ورتو. ان صورتحال کي ڏسي آدم جي ڀاءُ مارف اتان جي ماڻهن کي چيو ته اوهان منهنجي ڀاءُ کي هتان وڃڻ ڏيو ان جي عيوض مان هتي ٿو رهان. منهنجي ڀائر کي ڏنو ڏيو انهن جو قرض مان لاهيندس. ان کان پوءِ  آدم ۽ اسحاق اتان لڏي اچي هاڻوڪي جاگير ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. وڏي ڀاءُ اسحاق پنهنجي ننڍي ڀاءُ آدم کي چيو ته بلوچستان ۾ اڪيلو ڇڏي آيل ڀاءُ مارف جي سار لهجي ته سندس ڪهڙا حال آهن، ان جي ڪا مالڪي ڪجي، جنهن تي آدم چيو ته منهنجو ساڻس ڪو واسطو ئي ناهي هو پاڻ ڄاڻي اسان جو ڇا وڃي. هن سان، جيڪا ڳالهه اسحاق نه وڻي ۽ هن ڀاءُ جي سنڀال لهڻ لئه هٿ پير هڻڻ شروع ڪيو.

آخرڪار ڪيترن ئي ڪوششن کان پوءِ  اسحاق مارف کي بلوچستان مان جاگير وٺي آيو. وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو آخر ننڍا وڏا ٿيا ۽ مڙسن جي تر ۾ هاڪ ٿي. آدم جي پٽ جو نالو سريمڻ خان هيو، جيڪو وڏو بهادر هيو. هن پٺاڻ سان جنگيون جوٽيون جنهن سبب هنن کي جاگير انعام ۾ ملي،برادري کي پاسي ڪري سريمڻ خان چيو ته هي جاگير منهنجي آهي. مان آدم خان جو پٽ آهيان جاگير تي منهنجو حق آهي. برادر فيصلو ڪيو ته هي نمڪو ماڻهو آهي اسان محنت ڪري به هن کي حصو ڏينداسين، تنهنڪري خاندان ۾ ڏار نه پون. برادري جا ماڻهو ڪمائي کائيندا هيا، سريمڻ وارا کٽي ليڪي پيا حصو کڻندا هيا. اهڙي ريت پنج سو سال کن هنن پئي جاگير کنئي ۽ کاڌي. جاگير جي ماڻهن سان هنن جو رويو ٺيڪ نه هوندو هيو. ڀوتارن جا ڪمدار ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي جنڊن جا پر مٿي ڪري ڏسنداسين هيا ته نئون ان ته ڪون پيٺل آهي. ماڻهو بيوس ويچارا ڪمدارن کي پيا جنڊن جا منهن ڏيکاريندا هيا جن ۾ نئين ان جو هڪ داڻو به پيٺل نه هوندو هيو. ان کان سواءِ به جاگير جي ماڻهن سان هنن جاگيردارن جا ٻيا ظلم به هوندا هيا، اهڙا ظلم ڏسي مجبورن ماڻهن پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي وڃي ٻئي هنڌ هليا ويا. صدر ايوب 1958ع ۾ جاگيرون ختم ڪيون، جاگيرون ختم ٿيڻ باوجود اڄ به ڀوتارن پنهنجو راڄ قائم ڪيون ويٺا آهن.

جڏهن بڊام ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٿيو ته ساڳئي جاگير جي ماڻهن سان اوائلي وارا ظلم شروع ٿيو، ڀوتارن ڍنڍ تي قبضو ڪري ورتو، هنن يارن چيو ته ڍنڍ تي فقط حق اسانجو ئي آهي، پوءِ  سڄي تر ڏٺو ته مڇي جي ڪرڙي لاءِ جاگير جي ماڻهن سان ڪهڙا ڪهڙا حشر ۽ ظلم برپا ٿيا، بند تان ڪو ماڻهو پنهنجي ٻارن ٻچن سان گذرندو هيو ته ڪپڙن جي ڳنڍ کولي به ان کي چيڪ ڪيو ويندو هيو ته متان ڪا ان ۾ مڇي ته ناهي.

اهڙو رويو رکڻ سان پوءِ  ماڻهن جي تر جي ڀوتارن سان نفرت وڌي وئي. ان کان پوءِ  اڳوڻي ايم اين اي نواب شبير چانڊيو هڪ ارب جو پيڪيج ڪرائي حمل مين ڊرين سم نالو منظور ڪرائي ڪڍائي ڪاڇڙي ۽ بڊام ۾ ڇوڙ ڪرايو.. علائقي جا ماڻهو جيڪڏهن شڪار سانگي مڇي پکي مارڻ ويندا هيا ته هنن کي پڪڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو هيو. ڍنڍ جي اندر ماڻهن جون ابن ڏاڏن کان وٺي زميون آهن پر پوءِ  ماڻهن کي ائين خوار ڪيو ڄڻ ته هو ڪي ڌاريا آهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي بکيو گدڙ شينهن سان به وڙهي پئي. ماڻهو پنهنجي اباڻن زمينن جي ڪري ڍنڍ ۾ گهڙي پيا ته ڀلي اسانکي ماريو ۽ ڪٽيو پر اسان ڍنڍ تي اينداسين ۽ روزگار به ڪنداسين.

مزي جي ڳالهه ته آخرڪار اهو وقت به اچي پهتو جو سرڪار اعلان ڪيو ته ڍنڍ تان ٺيڪو سسٽم ختم ڪجي ٿو. جن جن ماڻهن جون ڍنڍ جي اندر زمينون آهن اهي ڀلي اتان مڇي ماري گذر سفر ڪن. پر ڇا ڪجي جاگير جي ڀوتارن کي جو هنن ڍنڍ جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو ته ڀلي علائقي جا ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿين، ڍنڍ کي ڀريندڙ نئن کي بند ٻڌرائي پوندڙ برساتي پاڻي به بند ڪرائي ڇڏيو. هن وقت حمل ڍنڍ جو اڳ وارو عروج ناهي ڀوتارن ان کي سڪائي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي هزارين ماڻهو فاقا ڪشي ۾ حياتي جا ڏينهن گهارين پيا. هن درد جي دانهن ڪنهن کي ڏجي ڪهڙي ڌر کي اپيل ڪجي. ڍنڍ تي مڇي ماريندڙ ميربحر ٻڄن سميت بکن جي حوالي آهن ته ڪي وري دربدر ٿي ويا آهن. جڏهن ڍنڍ ڀوتارن جي حوالي هئي ته ارب روپيا سرڪاري خزاني مان ڪڍي به ڍنڍ کي ڀرايو ويندو هيو پر جڏهن غريبن جو روزگار ٿيو ته ساڳئي ڍنڍ کي انڪري سڪايو ويو ته غريب مڇي نه مارين. هن ڍنڍ تي هزارين ماڻهن جو گذر سفر آهي ڍنڍ سڪي وڃڻ ڪري هتان جا ماڻهو گذريل اٺن سالن کان بي روزگار بنيل آهن جنهن جي ڪوئي داد رسي نٿو ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.