پاڪستاني رياست هڪ ڀيرو ٻيهر ساختي بحران جو شڪار

امداد قاضي

هي ملڪ جنهن انداز ۾ قائم ٿيو هو، ان سان عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ نفرت ۽ خوف پيدا ڪيو ويو،اڳ  اهو خوف هندو اڪثريت مان هو ۽ هندو مذهب سان نفرت جا بنياد مضبوط ڪيا ويا .جيڪو اڳتي هلي ڪري  ملڪ جي مختلف قومن ۾ هڪ ٻئي کان نفرت ۽ خوف جي صورت اختيار ڪري ويو. نتيجي ۾ مسلم ليگ جو مضبوط قلعو اوڀر بنگال هو، جيڪو پنهنجي تاريخي قومي وحدت کي رد ڪري  مذهب جي بنياد تي قوم ۽ وطن ورهائي چڪو هو. انهيءَ نفرت ۽ خوف جي بنياد تي پنجابين ۽ پنجابين سان نفرت ۽خوف جي بنياد تي ٻيهر  بنگالي قوم جو تصوراڀاري پاڪستان کان الڳ ڪيو ويو.

جڏهن بنگلاديش الڳ ٿيو ، تڏهن به سوچڻ جي ضرورت هئي ته هن ملڪ جا بنياد ٺيڪ به آهن يا انهن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي؟ائين نه سوچيو ويو ۽ ساڳيو مذهبي بيانيئو  هندستان سان دشمني ۽ خوف جو سلسلو جاري رکيو ويو.  ايڪونجهاهه  سالن بعد ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر رياستي بحران جي ور چڙهي ويو. اسان کي هاڻي حقيقتن کي منهن ڏيڻ گهرجي.  بحران جي پاڙن کي ڳولي۽ ٺاهيل ٺڪيل بنيادن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي! ٻي صورت ۾ ملڪ جو وجود خطري ۾ نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان ڪيئن قائم ٿيو، ڪنهن جي مفاد ۾ قائم ٿيو، انهن ڳالهين جو تاريخي ۽ تفصيلي تجزيو هن مختصر مضمون ۾ ڪرڻ مشڪل هوندو.

تنهن هوندي به، ڪجهه اهم سوالن کي بحث هيٺ آڻڻ لازمي آهي. ٻي عالمي جنگ ۾ سرمائيدار فاشزم کي شڪست آئي. سوشلسٽ سوويت يونين، فاشزم  هٿان انسانيت جي بقا ۽ موت لاءِ هڪ مضبوط قوت بڻجي اڀريو. برطانيه فاتح ملڪن جو ميمبر هو پر انتهائي ڪمزور ٿي چڪو هو. اوڀر يورپ جي لڳ ڀڳ هڪ درجن ملڪن ڪميونسٽن جي ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ سوشلسٽ نظام اختيار ڪيو هو. چين ۾، ڪميونسٽ فتح جي ويجهو هئا. هندستان جي آزاديءَ جي وڌيڪ ملتوي ٿيڻ سان ڪميونسٽن جي طاقت ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان هو، جيڪا بهرحال ٽئين وڏي قوت هئي. ڪانگريس ۾ نهرو جو سوشلسٽ بيانيئو ڪافي اثرائتو هو. اڌ ويٽنام آزاد ٿي چڪو هو، اڌ ڪوريا آزاديءَ جي ويجهو هو. يعني اڀرندي يورپ کان وٺي ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا تائين ڪميونسٽن جي ڪاميابي يقيني هئي. اهو علائقو تيزيءَ سان ڳاڙهن جهنڊن ۽ سوشلسٽ نظام طرف وڌي رهيو هو. اهڙي صورتحال ۾ نئين سامراج آمريڪا ۽ برطانيه گڏجي اوڀر يورپ ۽ڏکڻ اوڀر ايشيا جي وچ مان ان سرخ لهر کي ڪٽڻ جي لاءِ هڪ رياست ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو ته جيئن اهي علائقا هڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃن.

ننڍي کنڊ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفرتن جو ٻج اڳ ئي پوکيو ويو هو. ان کي استعمال ڪندي، حڪمت عملي سان پاڪستان قائم ڪيو ويو. پاڪستان ۾ جاگرافيائي اهميت اوڀر بنگال جي نه پر اولهه پاڪستان جي هئي. ان ڪري ان تي توجهه ڏنو ويو. يعني هڪ اهڙي رياست اڀري جيڪا خطي ۾ سرخ لهر کي ٽوڙي سگهي.

ظاهر آهي ته ان لاءِ هڪ طرف پاڪستان ۾ ڪميونسٽ تحريڪ کي چٿڻ ضروري هو. ان لاءِ راولپنڊي سازش ڪيس، ايوب جي مارشل لا کان وٺي جنرل ضياءَ جي مارشل لا تائين، ڪميونسٽن کي ماريو، مٿن تشدد ڪيو، شهيد ڪيو ۽ اهو سلسلو سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي تائين جاري رهيو.ٻئي طرف  سياسي، معاشي ۽ سماجي ادارن ٺاهڻ کان روڪيو ويو. جيڪڏهن  مجبوري ۾ ٺهيا ته انهن کي مضبوط ۽ طاقتور ٿيڻ نه ڏنو ويو.

هن ملڪ ۾  انڊيا ۽ ڪميونزم جو ڊپ ڏياري، سيڪيورٽي ادارن  يعني فوج کي سڀ کان وڌيڪ طاقتور بڻايو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنرلن ڪميونسٽن کي مارڻ جي نالي تي پنهنجا ڀتا وصول ڪيا. هنن جو خطرو ڏيکاريندي پنهنجي حڪومت جي مدي کي وڌايو. جمهوريت قائم ٿيڻ نه ڏني وئي. اهڙا سمورا انتظام ڪيا ته جيئن جمهوريت مضبوط نه ٿئي .

جاگيرداري ۽ قبائلي سماجي ڍانچي کي قائم رکڻ لاءِ وڏيرن، چوڌرين، خانن ۽ مَلڪن کي مضبوط ڪيو. ساڳئي وقت  جاگيرداري نظام جي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ  جي لاءِ مذهبي ادارن ۽ پيرن جي سرپرستي ڪري  مضبوط ڪيو ويو،

جمهوريت سرمائيداراي معاشي نظام جو سياسي ۽ سماجي ڍانچو آهي. جمهوريت ۽ سيڪيولرزم لازم ملزوم آهن. ان ڪري انهن ٻنهي قوتن کي مضبوط ڪري جمهوريت جي قيام ۽ جمهوري ادارن جي قيام کي روڪڻ جا سمورا انتظام ڪيا ويا. ان هوندي به ڪا صورت نه بڻي ته  هن جمهوري ڪلچر ۽ ماحول کي مارشلائن جي هٿان تباهه ۽ناس ڪيو ويو.

ٽريڊ يونين تحريڪ، جنهن مان سياسي قيادت اڀري ٿي، ان کي پهرين جبر ۽ بعد ۾ ٺيڪيداري نظام ذريعي اڀرڻ کان روڪيو ويو.شاگرد يونين ۽ تنظيمن تي پابندي سان به قيادت جي اڀرڻ جا رستا بند ڪيا ويا. سياسي عمل ۽ سماجي تحريڪ قيادت جي نرسري هونديون آهين جيڪي بند ڪيون ويون. پنهنجي پسند جي سياسي قيادت ۽ سياسي ڪارڪن بڻائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو جيڪو اڄ عمران خان ۽ شيخ رشيد جي صورت ۾ ملڪ تي مڙهيل رهيو.

ان سموري عمل جي نتيجي ۾ ملڪ مالي طور تي بيهي نه سگهيو. رياستي ڍانچي جو خرچ  وڌندو ويو. فوج، پيرا ملٽري فورسز ۽ انٽيليجنس ايجنسين جو انگ 30 , 35 لک  کان به وڌي ويو آهي. من پسند سياستدانن جي معرفت جيڪي حڪومتون قائم ٿيون يا قائم ڪيو پيون وڃن.انهن جو خرچ ملائي ڪري، رياست جي سمورن ادارن جو خرچ، هاڻ هن ڪمزور لولي لنگڙي معيشت  جي کڻڻ جي قابل نه رهيو آهي.هنن حالتن ۾ به خرچ گهٽائڻ بجا وڌائيندا پيا وڃن.اهو بار ملڪ جي ان غريب عوام مٿان ٽيڪس جي صورت ۾ وڌو پيو وڃي جيڪو ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي.

غريبن کان ڦري  اميرن ۽ سندن نظام کي هلائڻيندڙن  جو پيٽ ڀريو پيو وڃي. ان کان سواءِ اهو به ته پورت ڪرڻ جي لاءِ قومي اثاثا گروي رکي قرض کنيا پيا وڃن.قومن جي وسيلن کي نيلام ڪري جنرل ۽ بيوروڪريسي ڪميشن وٺي رهي آهي.

انهن قومن جي صوبن ۾وڌندڙ غربت ۽ محرومي سبب ملڪ کان علحدگي جو رجحان وڌي رهيو آهي. قومن جي اهڙي ڪاوڙ کي گهٽائڻ لاءِ ، قومن تي پنهنجا وسيلا خرچ ڪرڻ بجاءِ انهن جي سردارن ۽وڏيرن کي حصو پتي ڏئي ڪري، حقن لاءِ وڙهندڙن کي قتل ڪيو پيو وڃي. جبري گم ڪيو پيو وڃي، انهن کي پرڏيهي ايجنٽ سڏيو پيو وڃي.معاملا  هاڻي انهيءَ طريقي سان نه هلندا. هي ملڪ هاڻي  اهڙي رياستي ڍانچي طور پنهنجو وجود  قائم رکي نه سگهندو. هاڻي ته خود فوج  جي اندر تضاد ان حد تائين وڌي ويو آهي جو آرمي چيف کي پنهنجي جونيئر آفيسرن جي سامهون ڪٽهڙي ۾ بيهي  جواب ڏيڻو پئجي رهيو آهي..

1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کان پوءِ باقي پاڪستان ۾ هڪ نئون عمراني  معاهدو ٺاهڻ لاءِ هڪ متفقه آئين جي ضرورت هئي. ان آئين جو مسودو تيار ڪرڻ وقت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ذريعي (ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابنديءَ سبب پارٽي ڪامريڊ نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا) ان ڳالهه تي زور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته (1) آئين. سيڪيولر هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مذهب جو تعلق فردن ۽ انسانن سان آهي، ملڪ ۽ رياست سان نه.

(2) جاگيرداري نظام کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي.

(3) زمين جي ايراضي  50 ايڪڙ کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي ۽ غير حاضر زمينداري کي ختم ڪيو وڃي.

(4) مزدورن کي هڙتال جي حق ۽ يونين ٺاهڻ جي آئيني ضمانت ڏني وڃي. (5) چار کاتا مرڪز وٽ رکي  باقي صوبن يعني قومي يونٽن جي حوالي ڪيا وڃن. آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي وئي پر  صورتحال پوائنٽ آف نو رٽرن  تي پهچي چڪي هئي.

تنهن ڪري نعپ پنهنجي موقف تان  هٽي وئي ۽ 73ع جو آئين ان صورت ۾ٺهي ويو.  جنهن تي به عمل ٿيڻ کان اڳ ٻن مظلوم قومن جي حڪومتن جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ فوجي آپريشن ڪيو ويو. ان کان پوءِ جنرل ضياءَ  ان آئين ، جنهن ۾ پورهيت عوام، مظلوم قومن ۽ جمهوريت پسندن جي امنگن جي پوري پوري عڪاسي نه ڪندو هو، ان کي به وڌيڪ مسخ ڪيو ويو . زرعي سڌارا جنهن ۾ ڪنهن حد تائين  ملڪيت جي حد  گهٽائي وئي هئي، ان کي شرعي عدالت غير شرعي قرار ڏيندي ختم ڪري ڇڏيو. 2010 ۾، هن عمراني معاهدي کي  ڪجهه ٺيڪ  ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش ڪئي وئي. جيڪو ارڙهين ترميم جي صورت ۾ آئين جو نئون روپ بڻجي ويو. پر ان ۾ به مزدورن ۽ هارين کي ڪجهه به نه مليو..

ملڪيت جي حد تي ڪجهه نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ان کي سيڪيولر بڻايو ويو.  صوبن کي اختيار هيٺين سطح تي  ڏنا ويا. پر ان تي  به عمل نه ڪيو ويو.جيڪي کاتا صوبن کي ڏنا ويا سي مرڪز وٽ به موجود رهيا.

اڄ صورتحال اها آهي ته 50 کان وڌيڪ وزيرن جي فوج هوندي آهي. هر وزير جي ماتحت کاتي  جو سيڪريٽري هوندو آهي، ٻه، ٽي ڊپٽي سيڪريٽري، ٽي، چار ايڊيشنل سيڪريٽري، ان بعد آفيسر جو پنهنجو خاصو لشڪر  هوندو آهي. ان ڪري ملڪ معاشي، سياسي، سماجي ۽ وفاقي بحران جي ور چڙهي ويو آهي.۽ رياست جي ساخت جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. حڪمران طبقا ۽ جرنيل انهن بحرانن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي تشدد سان  دٻائڻ يا ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.ان ڪري  مذهبي، فرقيوار ۽ نسلي تضاد پيدا ٿين ٿاانهن حڪمت عملين جي ڪري هاڻي اهو خطرو آهي ته  گهرو ويڙهه جي صورت ۾ ان جو نتيجو نه نڪري.

انهن حڪمران طبقن وٽ نه  مسئلا حل ڪرڻ جي نه ڪا خواهش آهي ۽ نه ئي صلاحيت ۽ نه ئي ضرورت آهي.

نتيجي ۾ ملڪ گهرو ويڙهه طرف وڃي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن روايتي سياسي پارٽيون جنرلن جي اشارن تي نچي رهيون آهن. ۽ کاٻي ڌر جون قوتون ڪمزور هجن ته  ڪنهن به نئين عمراني معاهدي جي اميد نٿي رکي سگهجي. نئون آئين وڌيڪ ابتر هوندو. ان ڪري کاٻي ڌر ۽ انهن جي ڪارڪنن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي. هنگامي بنيادن تي پورهيت طبقي ۽  عوام، جيڪو هن وقت بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ڪري مري رهيو آهي،سان رابطو ڪري  پنهنجي پارٽين کي مضبوط ڪرڻ گهرجي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻ گهرجي. کاٻي ڌر ۽ طبقاتي پارٽيون جيڪي ننڍن ننڍن گورهن جي صورت ۾ موجود آهن،انهن جي اتحاد ۾  گروهي مفاد رڪاوٽ آهن.

تنهن ڪري، انهن پارٽين کي هڪ ٻئي کي گهٽ ڪرڻ جي  بجاءِ، پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت وڌائڻ ۽ پورهيت طبقي ۽  عوام ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ته جيئن اڄ نه ته سڀاڻي اها قوت حاصل ڪن جو هن بيوس عوام جي قيادت ڪري  حالتون بدلائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.