اسلام آباد(م ڊ) موسمياتي تبديلين بابت وزارت ملڪ ۾ گرمي جي اثرن بابت نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، وزارت جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۽ گلگت بلتستان جي علائقن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ جا امڪان آهن، سخت گرمي سبب گليشيئر پگهرجي رهيا آهن، جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪل 3044 برفاني ڍنڍون بڻجي چڪيون آهن، جن مان 33 گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊنگ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. موسمياتي تبديلين بابت وزير شيري رحمان چيو ته هيٽ ويو سان فصلن کي باهه لڳڻ جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن.