پاڪستان ۾ سياسي عدم رواداري وڌي وئي، سوشل ميڊيا جنون کي هوا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ وڌندڙ سياسي عدم رواداري تي ڪيترائي حلقا ڳڻتي جو شڪار آهن، انهن کي خدشو آهي ته جيڪڏهن سياستدانن وقت سر مداخلت ڪري پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت نه ڪئي ته ملڪ ۾ سياسي عدم رواداري پنهنجي عروج تي پهچي ويندي، واضح رهي ته مسجد نبوي ۾ وزيراعظم جي وفد ۾ شامل  وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ شاهزين بگٽي خلاف نعرا هنيا ويا، بگٽي جا وار ڇڪيا ويا، مريم اورنگزيب خلاف انتهائي اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي، ڊي ڊبليو مطابق پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن جي ٽوئيٽس مان اهو تاثر اڀريو آهي ته انهن ان قدم جي حمايت ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي مارڪٽ ڪئي وئي ، قاسم سوري ان حملي جو ذميوار شهبازشريف جي حڪومت تي هنيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اقبال آفريدي چيو ته واقعو مسجد نبوي صلعم کان ٻاهر ٿيو آهي، اهو عوامي ردعمل آهي، ماڻهو چون ٿا ته اهو چورن ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو ٽولو آهي، هڪ سازش تحت اقتدار ۾ آيا آهن، سوال اهو آهي ته چور کي مقدس مقام تي چور نه چيو وڃي ته ڪٿي چيو وڃي، هن چيو ته پي ٽي آءِ سياسي عدم رواداري کي هٿي نه پئي ڏئي، ڇا پ پ ن ليگ تي سنگين الزام نه هنيا، تجزئي نگار حبيب اڪرم چيو ته ماضي ۾ بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف جي حڪومتن کي ڪرپشن الزام ۾ هٽايو ويو، پر عمران خان جي حوالي سان هن جي حامين جو مڃڻ آهي ته کيس سازش تحت هٽايو ويو، عمران خان جو بيانيو ماڻهن ۾ هن لاءِ همدرديون پيدا ڪري رهيو آهي، ان ڪري عمران خان جي خاتمي تي ردعمل سخت اچي رهيو آهي، هوڏانهن بي بي سي مطابق حڪومت ختم ٿيڻ بعد عمران خان انتهائي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو آهي، جلسن، جلوسن ۽ سوشل ميڊيا تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ هن جي پارٽي عهديدارن ۽ حامين جي بيان بازي ظاهري طور پاڪستاني معاشري تي اثرانداز ٿي رهي آهي،بي اعتمادي رٿ کانپوءِ پاڪستانين پاران سوشل ميڊيا تي تيزي سان اهڙا واقعا شيئر ڪيا وياآهن جن مان اهو واضح آهي ته معاشرو ڪيتري قدر گهري ورهاڱي جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان بنياد تي خاندانن ۽ دوستن ۾ عمران خان جي حامي ۽ هن جي تنقيد ڪندڙن وچ ۾ لڪير ڇڪي وئي آهي، عمران خان ۽ هن جا حامي پنهنجي مخالفن لاءِ توهين جوڳا لفظ استعمال ڪن ٿا، جيئن شهبازشريف لاءِ ” بوٽ پالشي“ يا چيري بلاسم، مريم نواز لاءِ ” ناني“ بلاول لاءِ ” بلو راني“ فضل الرحمان لاءِ ” ڊيزل“ وغيره، ان جي جواب ۾ مخالف سياسي جماعتن خان کي ” يهودي ايجنٽ“ قرار ڏنو ۽ لنڊن ۾ هن جي اڳوڻي گهرواري جمائما خان ۽ خاندان جي باري ۾ ذاتي حملا ڪيا، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي شير علي ارباب بي بي سي کي ٻڌايو ته ان ڳالهه سان اتفاق آهي ته معاشري ۾ تقسيم وڌي چڪي آهي، سياست ۽ جمهوريت بالغ نه ٿي سگهي، هيل تائين ڪنهن وزيراعظم کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو ، هن چيو ته احتساب ڪندڙ ادارا دٻاءُ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين نه پهچائي سگهيا، ڪرپٽ سياستدانن کي موقعو ملي وڃي ٿو ته هو پنهنجي مظلومي جو ڪارڊ کيڏي سگهن، لاهور ۾ سماجيات ۽ سياست جي پروفيسر عمير جاويد چيو ته پاڪستان ماضي قريب ۾ 2011ع ۾ ان طرح جي پولرائزيشن جو مشاهدو ڪيو جڏهن  پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو عام چونڊن کان ٻه سال اڳ سياسي منظرنامي تي اڀري هئي، بي اعتمادي رٿ کانپوءِ پولرائزيشن ٻيهر شروع ٿي آهي، پي ٽي آءِ هڪ اهڙي جماعت آهي جيڪا پاڻ کي اسٽيٽس ڪو خلاف ۽ روايتي اشرافيه خلاف پيش ڪري ٿي ان ڪري ان جي سياست جو پورو برانڊ پاڻ کي ٻين سياسي متبادلن کان الڳ ڪرڻ آهي، ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ اثنا سمين چيو ته عمران خان جي برطرفي کانپوءِ سياست تي ڳالهائڻ آسان ٿي ويو آهي، عمران خان جو بيانيو حوصلائتو آهي، ڇو ته ان ۾ سچائي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.