سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران شديد، سخت فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ اهڙين حالتن ۾ گهيرجي ويو آهي جو هاڻي سخت فيصلا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، طئه ڪرڻو پوندو ته  پارليامينٽ، عدليا ۽ فوج سپريم آهي يا لانگ مارچ ۽ ڌرڻا سپريم آهن، هن وقت  ملڪ سنگين آئيني بحران جو شڪار آهي پر ادارا خاموش آهن، ڪنهن کي به پرواهه نه آهي  ته جهاز ڪرڻ سان فقط مسافر نه مرندا پر  ڪو به محفوظ  نه رهندو، اسان طئه نه ڪري سگهيا آهيون ته مذهبي آزادي ڪيتري حد تائين آهي ۽ ڪٿي ختم ٿئي ٿي  صحافي جاويد چوڌري چيو ته اهو طئه نه ڪري سگهيان آهيون ته ملڪ ۾ ڪهڙو نظام هجڻ گهرجي اهو به ته موسيقي حلال آهي يا حرام آهي، 22  ڪروڙ آبادي جو ملڪ ۽ 12 ڪروڙ آبادي جو صوبو سنگين آئيني بحران ۾ ورتل، معاشي حالتون اهڙيون آهن جو سخت فيصلا نه ڪيا ويا ته پوءِ سريلنڪا جهڙين حالتن  لاءِ تيار رهڻو پوندو. آفريڪا جهڙا ننڍا ملڪ به جمهوري آزاديءَ سان هلي رهيا آهن جن وٽ اسان جهڙا ويسلا نه آهن، معدنيات اسان وٽ آهي زرعي لحاظ کان امير آهيون گئس  اسان وٽ آهي پوءِ سنگين معاشي بحران جو شڪار آهيون، نامياري صحافي جاويد چوڌري پنهنجي تجزياتي ڪالم ۾ چيو آهي ته ڪيوبا جهڙو ملڪ به سوشلسٽ نظام سان هلي رهيو آهي اسان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سهگيا آهيون ته ملڪ ۾ ڪهڙو  نظام هجي، هر  ادارو پنهنجو ڪنڌ بچائڻ لاءِ اکيون ٻوٽي خاموش ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن خلاف باهه ٻريل آهي، سپريم ڪورٽ اهڙن بيانن ۽ سوشل ميڊيا مهم تي بندش ڇو نه ٿي وجهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ تائين اليڪشن ڪميشن بابت بيان ڏيڻ ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ تي پابندي آهي، سياسي، معاشي ۽ آئيني  بحرانن  تي ضابطو آڻڻ لاءِ هر رياستي اداري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، تڏهن ملڪ سڌي رستي تي هلي سگهندو ۽ سريلنڪا جهڙين حالتن کان بچي سگهبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.