غربت کان تنگ عورت ٽن ٻارن سميت پاڻ کي سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ غربت کان تنگ عورت پنهنجي ٽن ٻارن سميت پاڻ کي نيٽي جيٽي پل تان سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٽوٻن کين فوري طور تي بچائي ورتو، عائشا نالي عورت غربت کان مايوس ٿي پاڻ کي ٻارن سميت سمنڊ ۾ اڇلائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، رضاڪارن فوري ڪارروائي ڪري سندن حياتي بچائي ورتي، عورت جي وارثن جو چوڻ عورت جو مڙس بيمار آهي، هو پنهنجي ٻارن جي پڙهائي لاءِ پريشان رهندي هئي، جنهن بعد مايوس ٿي انتهائي قدم کڻڻ ت مجبور ٿي، واقعي جي وڊيو به وائرل ٿي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت پوسٽ گرينڊ وٽان پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلائي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.