صدر پاران بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر کي هدايت ڪئي آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ  شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي تعميل ۾ بلوچ شاگردن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ شاگردن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪت ڪئي، صدر قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي به هدايت ڪئي ته بلوچستان جي شاگردن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ڏٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آهي ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ شاگردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگرد برادري جي اندر سرگرمين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي، وي سي صدر کي يقين ڏياريو ته حفيظ بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي، صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ شاگردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.