قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي حمزا شهباز کان حلف وٺڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پنجاب جي وڏي وزير کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 30 اپريل جو صبح جو ساڍي 11هين وڳي حمزا شهباز کان حلفي وٺندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن حمزا شهباز جي حلف برداري لاءِ داخل ڪيل ٽئين درخواست تي فيصلو ٻڌايو.

نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف وٺڻ لاءِ ٽئين درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد فيصلو ٻڌائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي حمزا شهباز کي حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو.

جسٽس جواد حسن 9 صفحن تي مشتمل لکت واري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته حمزا شهباز حلف لاءِ پهرين پٽيشن 22 اپريل تي داخل ڪئي هئي جنهن جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي ڪئي هئي ۽ صدر کي حڪم ڏنو هو ته هو پاڻ حلف وٺي يا حلف لاءِ نمائندو مقرر ڪري.

حمزا شهباز حلف لاءِ ٻئين پٽيشن 27 اپريل تي داخل ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي حمزا شهباز جي درخواست تي فيصلو جاري ڪندي حڪم ڏنو هو ته 28 اپريل رات 12 کان پهرين گورنر پنجاب حمزا شهباز کان لازمي حلف وٺي يا ڪو نمائندو مقرر ڪري.

عدالت جي ڄاڻايل ٻن حڪمن تي عمل نه ڪيو ويو جنهن کانپوءِ عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز کان حلف وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ياد رهي ته 16 اپريل 2022 تي پنجاب اسيمبلي ۾ گوڙ گمستان ۽ مارڪٽ کانپوءِ ٿيل وڏي وزير جي چونڊ ۾ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير چونڊيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.