ڪراچي يونيورسٽي آپگھاتي حملو، لاشن جي سڃاڻپ مڪمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي آپگھاتي حملي ڪيس  ۾ سنڌ فارنزڪ ليباريٽري پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.

سنڌ فارنزڪ ليباريٽري جي پڌرائي موجب ڪراچي يونيورسٽي ليباريٽري ۾ لاشن جي سڃاڻپ جو تجزياتي ڪم پورو ڪيو جنهن کانپوءِ آپگھاتي حملي جي سمورن لاشن جي سڃاڻپ پوري ڪئي وئي آهي.

سنڌ فارنزڪ ليب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس پاران چئن لاشن جا جزا ليباريٽري کي مليا هئا، ان مان ٽي پرڏيهي ۽ هڪ پاڪستاني ڊرائيور جا جزا هئا، مارجي ويلن چينين جي رشتيدارن جا جزا دستياب نه هئا.

ترجمان ٻڌايو ته ماهرن جي راءِ ۾ پرڏيهين جي استعمال هيٺ سامان مان جزا حاصل ڪيا.

ياد رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ 26 اپريل تي ٿيل آپگھاتي حملي ۾ ٽن چيني استادن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.