”معاملو آئين يا پيڙهيل طبقي بابت هجي ته عدالتون رات 3 وڳي به کلنديون“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جيڪڏهن معاملو آئين يا پيڙهيل طبقي جو هجي ته عدالتون رات 3 وڳي به کلنديون.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ ارشد شريف کي هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ ارشد شريف طرفان وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت هر ڪنهن لاءِ هتي موجود آهي، اوهان ڪاشف عباسي جو پروگرام ڏٺو آهي؟ پروگرام ۾ حقيقن جي تصديق کانسواءِ ڇا ڇا چيو ويو، هن چيو عدالت رات جو کلي ڇو؟ اهو عوام تي عدالت جو اعتماد کڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عدالتون رات جو 3 وڳي به کلنديون جيڪڏهن معاملو آئين يا ڪنهن پيڙهيل طبقي جو هجي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته هڪ موقف ٺاهيو ويو ته عدالتون کليون، عدالتون کلنديون ۽ ڪنهن کي آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه ڏينديون، اوهان ماڻهن جو عدالتن تان اعتماد ختم ڪري رهيا آهيون، هن عدالت لاءِ به چيو ويو ته چيف جسٽس عدالت پهچي ويو، اوهان چاهيو ٿا ته عدالت فوري نوعيت جون درخواستون نه ٻڌي؟

جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته عدالت هڪ ناهي، عدالتي وقت کانپوءِ به گهڻيون درخواستون ٻڌيون، ڪا ذميواري به هوندي آهي، اوهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي ته آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ واضح پيغام ڏنو ته آئين جي خلاف ڪنهن قدم جي اجازت نه ڏني ويندي.

معزز چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سڀ لڳا پيا آهن ته عدالتون کلي وڃن، اوهان سمجهو ٿا ته عدالتون نه اوهان جو چينل آئين کي بهتر سمجهي ٿو؟ ڪوڙ تي هڪ موقف ٺاهيو ويو آهي ته عدالتون کلي ويون.

عدالت رپورٽر کان سوال ڪيو ته اوهان جي چينل مسنگ پرسنز يا بلوچ اسٽوڊنٽس بابت ڪيترا پروگرام ڪيا؟ اوهان جي چينل مسنگ پرسنز لاءِ ڪيترو آواز اٿاريو جيڪو اصل ايشو آهي؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته سياسي موقف لاءِ ادارن کي تباهه ڪري رهيا آهيو ۽ ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو، بنيادي حقن لاءِ عدالتون کلنديون، انهن بيانين سان ڪجهه نه ٿيندو، سپريم ڪورٽ جي اعليٰ ججز بابت ڳالهيون ٿيون آهن ته اهي جواب نٿا ڏئي سگهن؟ جتي اسان کان غلطي ٿئي ٿي ضرور ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.