ٽنڊي غلام حيدر لڳ فائرنگ، هاري چور ڄاڻائي قتل

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊي غلام حيدر  واري علائقي ۾ هاري کي چور ڄاڻائي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، وارثن  جو چوڻ آهي ته اسان جو همرهه ٻن ڏينهن کان گم هو، کيس اغوا ڪري چوري جي تهمت مڙهي قتل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص چور هو، ،ٿس بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن جي ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل هئا.رپورٽ موجب  ڏندو ٿاڻي جي حد ڳوٺ هارون پلھه ڀرسان بابو ميمڻ جي پولٽري فارم مان مبينا چوري جي ڪوشش دوران چوڪيدار راحب لاشاري جي جوابي فائرنگ ۾ مبينا چور 32 سالن جو نور محمد عرف نورو اعواڻ مارجي ويو جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. ٽنڊومحمد خان اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،هوڏانهن مبينا چوري جي الزام هيٺ قتل ٿيل نوجوان نور محمد عرف نورو اعواڻ جي وارثن  ايس ٽي پي اڳواڻ عبد الله اعواڻ، غلام حسين اعواڻ ۽ امير بخش اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نوجوان گذريل ٻن ڏينهن کان گم هو، جنهن کي اغوا  ڪري چوري جو الزام هڻِي قتل ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان جو نوجوان زمين جي هارپي جو ڪم ڪندو هو، جنهن کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو. هنن چيو ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان فوري طور نوٽيس وٺي معاملي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن ڏندو ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق جهيجو جو چوڻ هو ته مارجي ويل نور محمد عرف نورو اعواڻ ۽ سندس 2 نامعلوم ساٿي چوري جي ارادي سان پولٽري فارم پهتا، جتي هنن چوڪيدار مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ۽ 2 نامعلوم چور فرار ٿي ويا.ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل نور محمد عرف نورو اعواڻ تي ضلعي بدين جي ماتلي، تلهار ۽ راڄوخاناڻي سميت ٽنڊي محمد خان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي چوري جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا.ٻئي پاسي پولٽري فارم جي چوڪيدار راحب لاشاري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.