پاڪستان کي فلاحي رياست بڻجڻو هو: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڀني کي دعا ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجون زنجيرون ٽوڙيون، اسان کي پنهنجي  غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻيون آهن، بني گالا ۾ دعائيه تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جو رستو گم ٿي ويو، جيڪا قوم نظريا وڃائي ويهندي آهي ان جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، اسان کي جنهن پاڪستان ڏانهن وڃڻو هو بدقسمتي سان نه وڃي سگهياسين، هن چيو ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻجڻو هو، مدينه جي رياست جي اصولن تي بيهڻ گهرجي، اسان جي آزادي ۾ مداخلت ۽ ٻاهر کان سازش ڪري پتلا ويهاريا ويا ، اسان سڀني کي پاڪستان بابت علامه اقبال جي خواب کي سمجهڻو پوندو، ان موقعي تي ناليواري ديني عالم مولانا طارق جميل خاص دعا ڪرائي، اها تقريب مختلف شهرن ۾ وڏيون اسڪرينون لڳائي ڏٺي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.