ميهڙ ۾ قائد عوام جي شاگردن کي نيڪال ڏيڻ خلاف احتجاج

ميھڙ( س ر )   قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ جي  وائيس چانسلر پاران شاگردن پاران پئيڻ جي پاڻي کو ٽ خلاف سخت احتجاج ڪرڻ کانپوء يونيورسٽي جي شاگردن سجاد کوسو سھيل جمالي امجد مگسي مبئين مستوئي سميت 9 شاگردن کي بي دخل ڪرڻ خلاف ميھڙ ۾ شاگردن احسان علي کوسو۔ اطھر پنھور ۔ نواز چانڊيو ۔ ابوزر ٻگھيو۔ عقيل ميمڻ ڪامريڊ انيس کوسو ۔ نصير جھتيال جي اڳواڻي ۾ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي تعلقه اسپتال ميھڙ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ۔ مظاھرين شاگردن جي بي دخلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رشوت خور نااھل وائيس چانسلر قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ ڏاڍاين جي انتھا ڪندي پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي سخت سزا ڏيندي لاسٽ ائير جي نون شاگردن کي ٽن سالن لاء بي دخل ڪري ڇڏيو جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن وزير اعلي سنڌ ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته رشوت خور وي سي کي ھتائي بي دخل ڪيل شاگردن کي بحال ڪري شاگردن مان بيچيني دور ڪئي وڃي نه سموري سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.