ڪورنگي ۾ پوليس جون ڪارروايون، 15 جوابدار گرفتار

ڪورنگي (ن ع آ)ايس ايس پي ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ جي هدايتن تي ڊويزنل ايس پيز جي نگراني ۾ ضلعي ڪورنگي پوليس پاران  ڏوهارين خلاف ڪارروايون، جوابدار گرفتار موٽرسائيڪل چور منشيات فروش، جواري  ۽ ھڪڙو گرين لسٽ ٿيل شخص سميت ضلعي ڪورنگي پوليس مختلف ڪاررواين دوران 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڪورنگي پوليس جو جوا جي اڏي تي به ڇاپو، گرفتار جوابدارن ۽ ڏوهاري عنصرن جي قبضي مان جوا ۽ جوا راند جو سامان ۽ 6770 رپيا روڪ رقم سميت هيٺيون شيون هٿ ڪيون ويون.  گرفتار منشيات فروش جي قبضي مان هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ 3 ڪلو غير مضرصحت گٽڪا ماوا هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، بارودي مواد ۽ ٻه موبائيل فون هٿ ڪيا ويا. پوليس ڪارروائي ڪندي گرفتار موٽرسائيڪل چور جي قبضي مان چوري ٿيل 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون.ڪورنگي پوليس پنھنجي بيان ۾ ٻڌايو ته  گرفتار جوابدار عادتي ڏوهاري آهن ۽ اڳ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جيل ڀوڳي چڪا آهن.  گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آھي، ضلعي ڪورنگي پوليس پاران ڏوهن جي خاتمي ۽ امن امان جي بحالي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ کنيل قدم جاري رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.