ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا سني ليون جي بالي ووڊ اسٽار هريتڪ روشن ۽ ڪرينا ڪپور کان دلچسپ سوال جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ اداڪارا سني ليون ٽنگ ٽوئسٽر (سڀ کان ڏکئي جملي وارو چيلينج) جي هڪ وڊيو رڪارڊ ڪئي، جنهن ۾ کيس ”چندو ڪي چاچا چندو ڪي چاچي کو چاندني رات ۾ چاندي ڪي چمچي سي چٽني چٽائي“ چوندي ٻڌي سگهجي ٿو.
View this post on Instagram
هي ٽنگ ٽويسٽر ڀارتي فلم ”ڪڀي خوشي ڪڏهن غم“ ذريعي مشهور ٿيو هو.
رپورٽ موجب فلم ۾ ڪرينا ڪپور ۽ هريتڪ روشن نظر آيا، جنهن سبب سني ليون پنهنجي وڊيو شيئر ڪندي ٻنهي ستارن کان سوال ڪيو ته ڇا هن تمام ڏکيو جملو صحيح ادا ڪيو آهي؟
سني ليون جي ٽنگ ٽوئسٽر وڊيو ڏسڻ کان پوءِ، سندس مداح دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.