سنڌ ڌرتيءَ جي تھذيب جو قديمي آشيانو سائين جي ايم سيد!

عامر انصاري

هو هڪ شخص نه پر هزارين ورهين جي سنڌو سڀيتا جي تاريخ ھو، جنھن جي مٽيءَ ۾ پنج هزار سالن جي ڌنڌلي تاريخ سمايل ھئي ھن جو سنڌو درياءَ جي قديمي تھذيب سان پراڻو ناتو جڙيل ھو پاڻ سدائين سنڌو تھذيب جي قديمي خالق درياءَ شينھن سان ھم ڪلامي ٿيڻ کي پنهنجي حقيقي عبادت سمجھندي قضا ڪرڻ کي ڪفر سمجھندو ھو، پاڻ ھميشه سنڌوءَ جي لھرن کي پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي قديم سنڌو سڀيتا جي ميساريل تاريخ کي پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي سان تخليق ڪري ھزارين ورھين جي سنڌو تھذيب کي وجود ۾ آڻي تهذيبن جي ڀيٽ ۾ منفرد مقام بخشيو سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي ويھي سانوڻي جي پن ڇڻ جي موسم ۾ کليل آڪاش ھيٺ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان کٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهندڙ صوفي منش انسان سائين جي ايم سيد جنھن جي دلڪش روح ۾ مخدوم بلاول جي گيڙو پڳ جي عظمت پوشيده ھئي ته درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت به  سمايل ھئي سيد جڏهن ڄائو تڏهن ڌرتي پورب ديوتا کي نمي پرنام ڪيو ھوندو سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن جو ھِن پاڪ پويتر ڌرتيءَ سان ننڍپڻ ۾ نينھن جو ناتو جڙي ويو پاڻ سنڌوءَ درياءَ جي ڪپ تي ويھي سنڌ ڌرتيءَ جي ڌنڌلي تاريخ جيڪا حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ھٿن مان ڏاڍ ۽ جبر تحت کسي ورتي پنهنجي اکين جي روشني سان تھذيب جي بادشاهه درياءَ شينھن سان چپ چپن ۾ ملھائي مخاطب ٿيندي ميساريل تاريخ کي ٻيهر زنده ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن جي ھنج ۾ امانت طور ڏني ۽ چيائين ته مونکان پوءِ سنڌ جي پارٽ اَٿوَ هن سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾ سمورين صلاحيتن کي گڏي محبتن جو ھڪڙو اھڙو ڳوٺ آباد ڪرڻ پئي چاهيو جيڪو تاحيات تاريخ ۾ زنده رھي.

جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو

تني جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه

اھڙن محب وطن انسانن کي تاريخ ھميشه پنھنجي لفظن ۾ ياد ڪندي آهي سائين جي ايم سيد نه صرف ھڪ فرد ھو پر ھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جي تاريخ ايتري ته سمايل ھئي جنھن کي پاڻ دنيا آڏو آشڪار ڪرڻ ھن عظيم صوفي منش انسان لاءِ ضرورت بڻجي وئي جنھن کي مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پس منظر شاهه عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي فڪري آبياري حاصل ھُئي اُن کي وڌيڪ پڪو پختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو ھو، اُن ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ جي پنج ھزار سالن جي قديم سنڌو سڀيتا جو اُھو فڪري وارث ھو جنهن جي نظر ۾ انسانيت سڀ کان اُتم ھُئي ھو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطئه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو.

سائين جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ نھايت بي نظير رھي آھي اُھا ئي قديم تھذيبن جو آشيانو رهي جيڪا سنڌي قوم ھزارين ورھين کان ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ تاريخ ۾ پاڻ مڃرائي ھڪ اعليٰ مقام حاصل ڪيو اُن آزاد سنڌ وطن کي حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ ھلائون ڪري سنڌ جي وسيلن ڦرلٽ ڪرڻ ھزارن جي تعداد ۾ وطن پرست سنڌي ماڻھن جو قتلِ عام ڪرڻ ۽ سنڌ جي نياڻين جون چيھاڙيل چوليون نرم ڪومل بدن تي ڪوڙن جا وسڪارا ڪيا ويا نه صرف ايترو پر اُنھن نياڻين جي عزتن کي نيلام ڪري سرِعام بازارن ۾ وڪيو ويو اڄ به تاريخ جا ورق سرخ رَتَ ڦُڙن جي شاھدي ڏين ٿا جن جي سفيد امن جھڙي پھراڻ پوشاڪ کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو اُن وقت سائين جي ايم سيد درياءَ شينھن جي ڪاوڙيل لھرن کي جھٽ پل سمجهي ورتو جيڪي صدين کان ھن ڌرتيءَ تي مخدوم بلاول جي ڀٽڪيل روح جيان ڀٽڪنديون پيون رھن جنھن کي فتوا فروشن گھاڻي ۾ پيڙڻ جي فتوا جاري ڪئي تڏهن هن موت سان اکيون اکين ۾ ملائيندي مرڪندي چيو ته“ مون کي اوھان جي سزا قبول آهي، ۽ مون کي پيرن کان پيڙڻ شروع ڪيو ته جيئن منهنجا ڪن منهنجي هڏن جي پيڙجڻ جو آواز ٻڌي سگهن“ پاڻ اُن وقت سنڌ جي قھري دور کي ”اتحاد انساني، امن ترقي، بني آدم“ جھڙي سوچ سان وقت جي غاضب ۽ رھزن سان مھاڏو اٽڪائي پنهنجي گھري مطالعي ۽ فڪر جي سوچ سان سنڌي قوم کي بيدار ڪري حق سچ جي راھه تي ھلڻ جي ھدايت ڪئي جيڪو فڪر سندس ڏاڏي شاھه حيدر سنائي کان مليل ھو جيڪو پاڻ بلاولي تحريڪ جو اھم اڳواڻ ۽ روح روان ھو جنھن سنڌ اندر ڌارين جي خلاف سراپا مزاحمت ڪندي تحريڪ ھلائي.

سائين جي ايم سيد اُن دور جي پيدائش آهي جنهن وقت سنڌ مٿان سامراجيت جو قھري راڄ قائم ھو جنهن دور ۾ حملي آور لشڪر سنڌ تي ڪاھه ڪري سنڌي ماڻهن جو قتلِ عام ڪندا ھئا ۽ ماتر ڀومي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن تي پابنديون مڙهي اُنھن جون زبانون ڪٽيون وينديون هيون اُن وقت سائين جي ايم سيد گھري ننڊ اُٿي پنھنجي جادو واري ڇڙي کي ضعيف ھٿڙن سان زمين تي کڙڪائي سامراجي قوتن کي للڪاري ڌارين جي لشڪرن جي ھوائن جا رخ موڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي ماتر ڀومي کي زنده رکڻ لاءِ سامراجيت خلاف اڏول ٿي بيٺو.

سائين جي ايم سيد اوندهه ۾ شمع جي اُھا روشني ھو جيڪا تيز طوفان جي فضا ۾ به پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪڏهن به لچڪ ڪونه آندي ڇو جو اُن جو محور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي جنھن قوم کي سيد محبوب سڏي وڏي اڪير مان ڏسي سئو سئو بار قربان ٿيڻ پئي چاهيو سائين جي ايم سيد اُھو صوفي منش عظيم انسان ھو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار محبوبه سنڌ کي ارپي ڇڏي سنڌ جي عشق جي ڏوھه ۾ سائين جي ايم سيد کي ڪن مذهبي مُلن ۽ قتوا فروشن ڪافر ۽ دھريو ڪوٺيو تڏهن پاڻ سمورن الزامن کي ھڪ طرف رکي ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن لاءِ حقيقي نجات وارو رستو ڳولي مذھبي انتھاپسندي جي پٿرن کي پنھنجي ھٿن ۽ پيرن سان ھٽائي ڏيکاريو ۽ اصل حقيقتن جي کوجنا ڪري سنڌي قوم آڏو آشڪار ڪري ڏيکاريو جيڪي مُلان، پنڊت ۽ پادري مذهبن جي غلط تشريح ڪري انسانن کي ھڪٻئي سان ويڙهائڻ ۾ پورا ھوندا ھئا اُن وقت پاڻ ”جيئن ڏٺو آهي مون“ جھڙا ڪتاب لکي مذهب جي اصل حقيقتن کان ظاھر ڪري ڏيکاريو سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو جنھن پنھنجي پوري ڄمار سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جدوجھد ڪئي ھزارين تڪليفون ملڻ باوجود سيد کي ڪابه فرعوني طاقت ۽ لالچون پنهنجي نظريي تان هٽائي ڪونه سگھيون

جنھن لاءِ اڪثر سائين جي ايم سيد چوندو هو ته

پئسو اھڙو رنگين بسترو آهي، جنهن تي غيرتون نظريا ۽ آدرش ڪپڙا لاھي سمھي رھندا آهن، پر باضمير ماڻهو اُنهن نظرين ۽ آدرشن تان سر گھوري ڇڏيندا آهن.“

پاڻ ھميشه سنڌ جي ماروئڙن جي ڳالهه ڪندي اڪيلو رھجي ويو تنھن باوجود به ھن عظيم انسان سنڌي قوم کان ڪڏهن به شڪايت ڪونه ڪئي.

سائين جي ايم سيد کي اِھا مڪمل طور خبر ھئي ته جنھن آزاد سنڌ جي نظريي تي آئون بيٺو آھيان اُھو خواب منھنجو نيٺ ساڀيان ٿيندو ۽ سنڌي قوم کي غلاميءَ مان ڪڍي ۽ پرامن طريقي سان جدوجھد ڪري وطن جي آزاديءَ حاصل ڪجي جيڪو ھر ھڪ قوم ۽ فرد جو بنيادي حق آهي سندس ڪيل وچن سنڌي قوم جي آزادي جو خواب ھر وقت پنھنجي اکين سانڊي آڪاش ڏانھن ڪر کڻي نھاريندو رھي ٿو سائين جي ايم سيد ھن رياست جو اُھو واحد ضمير جو قيدي ھو جنھن سائوٿ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا کان به وڌيڪ سنڌ جي عشق جي ڏوھه ۾ زندگي جا خوبصورت ڏينھن جيل ۽ نظربندي ۾ ڪاٽيا ۽ پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتيءَ سان وفا ڪندي گذاري ڇڏي سنڌ جو محبوب عاشق سنڌ کي غلاميءَ مان ڪڍڻ لاءِ دنيا جي سمورين آسائشن تان ھٿ کڻي سنڌ ڌرتي جي عشق کي ترجيح ڏئي سموري جوڀن جواني ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي پاڻ پنهنجي سچائي ۽ ثابت قدمي ۽ مضبوطي سان پنهنجي نظريي تي بيٺو رهيو

عبدالواحد آريسر لکيو آهي ته

نوجواني جي وقت جڏهن ننڍي کنڊ جا نوجوان پنهنجون راتيون ” نائيٽ ڪلبن“ ۾ چانديءَ جهڙن جسمن سان پنهنجون اکيون روشن ڪرڻ ۽ رقاصائن جي وارن ۾ پيل ربن کي نانگ جي وات ۾ پيل موتيءَ سان تشبيھه ڏيڻ ۾ گذاريندا هئا، اُن وقت نوجوان جي ايم سيد افلاطون، ابن رشد، ڪارل مارڪس ۽ ٽائن بي جي ڪتابن جي آرسين ۾ سنڌ جو شاندار مستقبل ڏسڻ ۾ گذاريندو هو

اُن وقت سنڌ جي حقيقي عاشق سائين جي ايم تي ماڻھن مٿس ڪوڙا الزام ۽ بھتان ھڻي سندس ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سائين جي ايم سيد جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سچائي ۽ وفائي اُنھن ماڻھن جي منھن تي چماٽ آهي جي سنڌ ڌرتي جو سودو ڪرڻ لاءِ ڌارين جا پٺو بڻجي سڄي عمر غلامي ڪندا رھيا پر اڄ به تاريخ اُنھن جي مٿان ڦٽڪار ڪندي رھي ٿي جڏهن به ڪنھن جاءِ تي سنڌ جو ذڪر ٿيندو آهي ته ازخود سائين جي ايم سيد جو ذڪر ۽ نالو چپن تي اچي ويندو جيڪي سيد جي پاڪ ڪردار کي الزام ھڻندا ھئا جڏھن به دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن جي پيدائش ۽ وفات جو ڏينهن ايندو آهي ته ماڻھو اُنھن تي روشني وجهندا آهن پر سچ پچ ته سائين جي ايم سيد اھڙي شخصيت آهي جنهن تي  تي ماڻهو سنڌ تي روشني وجهندا آهن سائين جي ايم سيد ھن رياست جو اُھو واحد ضمير جو  قيد ھو جنھن ھن حڪومت جا جج سزا ٻڌائڻ کان پھريان پنھنجون ڪورٽون ڇڏي ھليا ويندا هئا. جڏهن به پاڻ آڪاش ڏانھن نھاري حضرت موسيٰ جي لٺ جيان پنھنجي لٺ کي کڙڪائيندو ھو ته اُن وقت سامراجي قوتن جون ننڊون حرام ٿي وينديون ھيون ايوانن جا دروازا تيز کڙڪڻ لڳندا هئا انصاف جي ديوي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان وفائي جي ڏوھه جي سزا ڏيڻ کان پنھنجي اکين تي پٽي ٻڌي شرمائڻ شروع ڪري ڏيندي ھئي جنھن پنھنجي وطن سان ساھه جي آخري گهڙين تائين پنھنجي قلم ۽ سنڌ جو توڙ نڀايو سائين جي ايم سيد جي سچائي ۽ جدوجھد سنڌي قوم لاءِ ھڪ مثال آهي جنھن ھر محاذ تي بيھي ڪري وقت جي ظالم حڪمرانن کي للڪاري سنڌ جي آزاديءَ جي چٽي واضح گُھر ڪئي.

ھڪڙا ماڻھو عام رواجي زندگي گذاري ڌرتي تان مٽجي ويندا ته ٻيا وري وطن ۽ آزادي جي لاءِ تاريخ ۾ امر بڻجي ويندا آهن سائين جي ايم سيد لاءِ مرحوم چوڻ تاريخ سان ويساهه گهاتي ھوندي ڇو جو سائين جي ايم سيد جي سموري زندگي سنڌي قوم کي ھڪ وڏو مثال آهي جنھن سنڌ سان وفائي ڪندي زندگيءَ جو ڊگھو عرصو ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو سن شھر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو جيءُ به سنڌو درياءَ سان جڙيل ھو سائين جي ايم سيد سنڌو درياءَ جي ڪپ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان اچي ويهندو هو سو وڻ به سنڌو جيان سُڪي ويو آهي ھاڻي ساڳي جاءِ تي ٻٻر جو ھڪ ٻيو وڻ بيٺل آهي جنهن جي ھيٺيان پيل خالي کٽ مھاڻن جي ٻار وانگر اداس آهي نمن جي قطارن واري قبرستان ۾ بڙ جي گهاٽي وڻ جھڙو اُھو اڏول انسان کليل آڪاش ھيٺ ڪتاب جي تشبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ ھڪڙو باغي شخص ابدي ننڊ ستل آھي جيڪو 91 ورھين جي ڊگھي ڄمار ۾ 25 اپريل 1995ع تي سن جي مٿان بڊي جبل ۾ لھندڙ سج وانگر ھليو ويو اڄ 25ھين اپريل اصولن جي پابند اڏول انسان جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌ جي عشق ۽ حق سچ خاطر قربان ڪري ڇڏي اسين اڄ سندس  27ھين ورسي جي موقعي کيس نمي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا جنھن سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو امر ڪردار آهي جنھن کي سنڌ ھميشه پنھنجي نالي سان گڏ جوڙي ڇڏيو جڏهن به سنڌ جو ذڪر ٿيندو ته اُتي ضرور سيد جو به ذڪر ٿيندو جيڪو ڪيترن ئي سنڌ جي عاشقن جي دل ۽ چپن تي زنده آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.