اهي ڪير آهن، ڪٿان آيا آهن؟

وسعت الله خان

هن ملڪ جي عام دماغن کي مڪمل سَنڍ ڪرڻ جي جيڪا رٿا 1977  ۾ شروع ڪئي ويئي هئي سا توقع کان وڌيڪ ڪامياب رهي ۽ هاڻي چئني پاسن  ”جيڏانهن ڪر نگاهه نگاهه تيڏا هن صاحب سامهون “ هر شيءِ جواز، معنيٰ ۽ مقام بدلائي چُڪي آهي. جيڪو جيترو ڊينڊڙو آهي اوترو ئي قد آور آهي، جيترو  پڙهيو لکيو آهي اوترو ئي ڪُند  آهي، جيترو جاهل آهي اهو ايترو ئي وڏو عالم آهي.

ڪڏهن هي  سماج به گهٽ ۾ گهٽ ذهني طور ٿورو  ترقي يافته هو. اڄ، ترقي کان وانجهيل آهي. جيڪي ٿورا کن  چونڊ دوست آس پاس رهجي ويا آهن تن جي خواهش آهي ته  اسان هڪ نارمل قوم بڻجي وينداسين ۽ اسان جو جواب هي آهي ته جڏهن فدوي نارمل ٿيڻ  ۾ دلچسپي نٿو رکي ته ان کي بار بار نارمل ٿيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.

ڪڏهن اسان مان ڪي دوست اڳتي ڏسڻ جا عادي هئا ۽ پوءِ اسان پوئتي ڏانهن موٽايا وياسين،ته پوءِ اسان جي اڳي وارا به پٺتي مُڙي پوئتي وارن جي پٺيان لڳايا ويا ۽هاڻي ته اسين پوئتي هٽڻ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي آهيون،  ڪهڙو نظام آهي جنهن جي هتي نقالي ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ٿي، ڪهڙو تجربو آهي جيڪو ناڪام ناهي ٿيو. ڪهڙي ڪوشش آهي جا بامُراد ٿي هجي. ڪهڙو مثالي (رول ماڊل)  جيڪو آخر ۾تاش جي  دستي جي طرح نه وکريو هجي.

ڪهڙي اُمنگ آهي جنهن تي ڪوڙا نه وسيا ويا هجن.ڪهڙو خواب آهي جيڪو  زخمي ٿيڻ  کان بچي نڪتو هجي.  ڪهڙو سوال آهي جنهن جو  سچائي سان مقابلو ڪري ان جو ٺيڪ درست جواب ڳوليو ويو هجي.۽ ان جو ڪو صحيح جواب مليو آهي. ڪهڙو اٺ پکي آهي جنهن واري ۾ منهن لڪائڻ نه سکيو هجي.

۽ هاڻي اسان اُن موڙ تي اچي پهتا آهيون جو جنهن  ڏينهن ڪوڙ جي سرنج ۾ دوکي جو نشو ڀري  جسم ۾ نه لاهيون  ته وجود ٽُٽڻ لڳي ٿو.. انجيڪشن لڳائي لڳائي جسم پهرين پيلو۽ هاڻي سُن ٿي چُڪو آهي. پر ڪير اهو نشو ڇڏائي .معالج دڪان وڌائي گهر ويهي رهيو  يا خلا ڇڏي ويو. هاڻي ته ڍنگ جو عطائي به ڏکيو ملي سگهي..

ڇا ڪنهن موجوده  هئيت تي غور ڪيو آهي؟ اهي سڀ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پيدا ٿيا آهن سائنسي علمن جو ته خير ذڪر ئي ڇا،انهن مان گهڻن ته تاريخ، جاگرافي، شهريت، فلسفو ۽ دين جو گيان به ٻُڌي ٻُڌي حاصل ڪيو آهي ۽ اهو به ٽُڪرن ٽوٽن ۾ يعني صاحب ٻوڙو هجي ته ٺُپ اڻپڙهيل هجي.

اهي نه  اخبار پڙهن  ٿا .نه  چينل ڏسڻ جي واندڪائي اٿن، نه انهن کي ياد آهي ته آخري ڪتاب ڪڏهن پڙهيو هو. نه ئي سندس تقرير ۾ڪو مسَتند علمي يا تحقيقي حوالو هوندو آهي. نه ڪو ڍنگ جو اسپيچ رائٽر ميسر آهي، لکڻ ته ٿيو هڪڙي پاسي هن جا مذاڪراتي  ۽ تقريري نوٽس به ملازم تيار ڪن ٿا ۽ مشق به ڪرائين ٿا.

پوءِ به هو لکيل رواني سان نٿو  پڙهي  سگهي  ۽ جڏهن في البديه ڳالهائي ٿو ته  دل ڌڙڪندي رهندي آهي ته  غلطان نه ڪري وجهي.ڪنهن ابتي سبتي کي صفا ابتو نه ڪري ڇڏي، جنهن کي بعد ۾ هن جو عملو ۽ مشير  ڪرا م صاف ڪندا وتن.

منهنجي نانيءَ چوندي هئي سُتل کي ته جاڳائي سگهجي ٿو ، جاڳيل کي ڪير جاڳا ئي ،منهنجو سوشيالوجي جو استاد چوندو هو ته، ڊڄو ان شخص کان  جيڪو سڀ ڄاڻندو هجي. اهڙي ماڻهوءَ کي پَٽيءَپڙهائڻ  کان سواءِ ڪجهه ٻڌائڻ يا سيکارڻ ناممڪن آهي (مونکي سوشيالوجي جو اردو متبادل معلوم آهي  پر عزت جي خوف کان سوشيالوجي ئي  چوندس).

۽ پوءِ جڏهن اهڙا رول ماڊلز، مصلحين ، مفڪرين  ۽ ذهين ترينن کي انڌي عقيدت جو رٿ  ملي وڃي ته  پوءِ ان رٿ کي ڇڪيندڙ ڀلن گهوڙن جي سنبن مان ڪيئن نه،چنگاريون نڪري سُڪل پنن جهڙن دماغن کي ڀَسم ڪري رکنديون آهن.

گذريل ڏينهن  ڪتابن  جو عالمي ڏينهن هو. ڪو وقت هو جڏهن ڪتاب لکڻ هڪ قابل رشڪ پر مشڪل ڪم سمجهيو ويندو هو. اڄ ڪتاب لکڻ ڪو مسئلو ناهي. سڀ کان ڏکيو ڪم آهي اهو ڪتاب يا ڪو به ڪتاب ڪنهن کي پڙهائڻ..

هن ئي سماج ۾ اڄ کان چار ڏهاڪا اڳ ٿڪل کان ٿڪل ڪتاب جو پهرين ايڊيشن گهٽ ۾ گهٽ  هڪ هزار ڪاپين جو ڇاپيو ويندو هو، جيٽوڻيڪ  ان وقت جي آبادي ۽ هٿ ٺوڪي خواندگي جي شرح به گهٽ هئي.اڄ هي حال آهي ته 22 ڪروڙ جي ملڪ ۾ناشر خود منع ڪري ڇڏيندو آهي ته  پهريون ايڊيشن  اڍائي سئو يا پنج سئو ڪاپيون ڇاپي وٺو. نڪري ويو ته  اسان ٻيو ايڊيشن پڻ آڻينداسين.

جڏهن  پڙهڻ جي روايت کي ٻُڌڻ سان ۽ ُٻڌڻ جي روايت کي، ُٻڌي ۽ اڻ ٻُڌي جي بي نقط ٻُڌائڻ جي رواج سان بقا خطري ۾ هجي ته پوءِ اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو ٿي رهيو آهي..

حالتِ حال کے سبب حالتِ حال بھی گئی

شوق میں کچھ نہیں گیا شوق کی زندگی گئی

(جون ایلیا)

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.