جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ ورسي

مانجهند( رپورٽ: يوسف عمراڻي) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 27 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان سيد جي درياء واري بنگلي تي صوفي راڳ رنگ جي محفل رات دير تائين هلندڙ ھئي جڏھن ته سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، امير آزاد پنهور، جگديش آھوجا جي اڳواڻي ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي حاضري ڀري وئي. صوفي راڳ رنگ جي محفل ۾ جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رواداري تحريڪ جي پنهل ساريو پڻ شرڪت ڪئي. جسقم طرفان چئرمين صنعان خان قريشي امجد مهيسر  جي اڳواڻي ۾َ سيد جي مزار جي سيراندي کان  پنڊال لڳائي جلسي جي تياري مڪمل ڪئي وئي. قومپرست جماعتن جيئي سنڌ تحريڪ  جي شبير جمالي سورهيه سنڌي،  جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو گروپ جي صوفي حضور بخش، علي نواز ٻٽ،  جيئي سنڌ قومي پارٽي جي نواز خان زئنور محمد علي خشڪ  جسقم آريسر جي ارباب ڀيل سرمد ميراڻي  جسقپ جي سوڀ قمر ڀٽي دودو ديشي  جي اڳواڻي ۾ گڏيل حاضري ڀري گلن جي  چادر چاڙھي قومي ترانو پڙھيو ويند.و ان سلسلي ۾َتياريون مڪمل ڪيون ويون آھن سن شھر کي ايس يو پي ۽ ڪهاڙي وارن ڳاڙھن جهنڊن سان سينگاريو ويو آھي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلن جي آمد جاري آھي جڏھن ته انتظاميا طرفان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان وڏي تعداد ۾ پوليس نفري بيهاري سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي سيد خاندان طرفان به سيد جي مزار واري گرائونڊ کي عام ٽريفڪ لاء بند ڪرائي سيڪيورٽي ترتيب ڏني وئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.