ٽوئيٽر به واهپيدارن کي واٽس ايپ جهڙي سهولت ڏئي ڇڏي

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جيان هاڻي ٽوئيٽر به پنهنجن واهپيدارن کي اسٽيٽس جي سهولت ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.

ٽوئيٽر به پنهنجو هڪ فيچر وائب جي نالي سان شروع ڪيو آهي، جيڪو اسٽيٽس مان متاثر ٿي ٺاهيو ويو آهي.

ان جو سڀ کان پهريون اشارو هڪ ايپ جي تجزئي ڪار ۽ محقق جين وونگ ڏنو آهي.

هن اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي ٻڌايو آهي ته ٽوئيٽ ڪمپوزر باڪس مٿان ڪمپوزر باڪس ۾ ان جو آپشن موجود هوندو.

هتي سيٽ اي اسٽيٽس لکيل هوندو، جنهن کي ٽچ ڪري اسٽيٽس لڳائي سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.