ھمايون شريف ڀرسان ڪارنھن الزام ۾ زخمي ٿيل ناري فوت

ميان صاحب ( ن ع آ ) هفتو اڳ ڳوٺ عطر جي وانڍ ۾ جوابدارن مبينا ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪري 26 ورهين جي ناري مسمات ڄامل زال سهراب چانڊيو کي جوابدارن فائرنگ ڪري مرڻينگ ڪيو هو جنهن کي نازڪ حالت ۾ وارث سکر جي خانگي اسپتال داخل ڪرايو هو همايون ٿاڻي تي واقعي جو مقتولا ناري جي امڙ مسمات بيگم خاتون ناري جي مڙس سهراب چانڊيو سميت 3 جوابدارن خلاف ناري کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو پوليس موجب ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.