چمبڙ ڀرسان معصوم ٻار کي پوليو جو شڪ

چمبڙ (ت ر) چمبڙ ويجھي ڳوٺ نظر علي رند ۾ پورھيت گل بھار رند رند اڍائي ورھين جي نينگر نواب علي رند کي پوليو جو شڪ ظاھر ڳوٺ  ۾ مايوسي ڇانئيل ڳوٺاڻن موجب 6 مھينا اسان جي ڳوٺ ۾ پورھيت اياز علي جي معصوم نياڻي کي پڻ پوليو ظاھر ٿي جنھنجي بہ ڊاڪٽرن پاران تصديق پڻ ڪئي وئي ڳوٺاڻن جي دانھن تي ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ پھچي نينگر جي ٽيسٽ ڪري ليبارٽري اماڻي ڇڏيا رپورٽ موجب چمبڙ جي ڳوٺ نظر علي رند ۾ معصوم نينگر کي پوليو جو شڪ ظاھر ٿيو آھي.پورھيت گل بھار رند جي اڍائي  ورھين جو نينگر نواب رند کي سندس وارثن پوليو جو شڪ ڄاڻايو ويو آھي جڏھن تہ 6 مھينا اڳ ساڳئي ڳوٺ ۾ پورھيت اياز علي رند جي ٽن ورھين جي نياڻي ڪومل کي پڻ پوليو جو ڪيس ظاھر ٿيو ھو اھڙي موذي مرض جي ٻڌندي سموري ڳوٺ ۾ مايوسي ڇانئيل آھي معصوم ٻارڙن جون جانيون خطري ۾ آھن ڳوٺاڻن جون دانھون آھن.  ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي فوڪل پرسن ڊاڪٽر دلدار احمد مغل ٻڌايو تہ نينگر جون رپورٽون ڪيون آھن شڪ آھي ٿي سگھي ٿو پوليو آھي وڌيڪ رپورٽ اچڻ تصديق ٿيندي تہ نينگر کي پوليو آھي يا ن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.