برطانوي ناري آمريڪي قاتل جي عشق ۾ انڌي، جيل وڃي ساڻس شادي ڪري ڇڏيائين

 

برطانوي ناري گھر ڀاتين کي موڪلن تي وڃڻ جو ڏٽو ڏئي موت جي سزا مليل آمريڪي قيدي سان شادي ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 26 ورهين جي ربيڪا شارٽ نالي هن ناري 35 ورهين جي قيدي مينوئل اوانتي سان ڪجهه مهينا اڳ قلمي دوستي ٿي هئي، جيڪا بعد ۾ محبت ۾ مٽجي وئي ۽ ٻنهي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ربيڪا جيڪا هڪ ٽريني ڊينٽل نرس آهي، جنهن مينوئل سان شادي ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ گھر وارن سان ڪوڙ هنيو ته هوءَ آمريڪا موڪلون گذارڻ وڃي رهي آهي، جن آمريڪا وڃي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڊزني ورلڊ، فلوريڊا ۽ گولڊن گيٽ برج، سين فرانسسڪو جون تصويرون پوسٽ ڪيون، جنهن تي ان جي گھر وارن سمجهيو ته هوءَ واقعي آمريڪا ۾ سياحت ڪري رهي آهي.

ٻن ڏينهن کانپوءِ ربيڪا اوچتو آمريڪي رياست ايريزونا جي شهر فلورنس ۾ واقع آءِ مين جيل ۾ قيد مينوئل سان شادي جون تصويرون پوسٽ ڪري ڇڏيون، جنهن کي ڏسي ربيڪا جي فيلمي وائڙي ٿي وئي.

رپورٽ موجب مينوئل ميڪسيڪو ڄائو آمريڪي شهري آهي، جنهن 2008 ۾ هڪ گھر ۾ واردات دوران 2 ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، ان کي 2010 ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

هلندڙ سال 14 اپريل تي ان جي جيل جي سيل ۾ ئي ربيڪا سان شادي ٿي، ربيڪا پاڻ ئي شادي جو ڪيڪ خريد ڪري جيل آئي هئي، جنهن تي لکيل هو ته ”هاڻي موت ئي اسان کي جدا ڪندو“.

واضح رهي ته ربيڪا مينوئل سان قلمي دوستي ويب سائيٽ Prisonlifeandbeyond.com جي ذريعي ڪئي هئي، هيءَ هڪ اهڙي ويب سائيٽ آهي، جنهن ذريعي ماڻهو جيلن جي قيدين سان رابطو ڪري سگھن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.