مري سانحو ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم جيان هي به ڪستو کڻي ڦرندو; لاهور هاءِ ڪورٽ

راولپنڊي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ مري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ادارن جي پيش ڪيل رپورٽن کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پنجاب هاءِ ويز کاتي جي ايڪسيئن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ جي جسٽس چوڌري عبدالعزيز ڪئي، جتي موسميات کاتي، هاءِ ويز کاتي، ريسڪيو 1122 ۽ مري ميونسپل ڪارپوريشن جا نمائندا پيش ٿيا. عدالت موسميات کاتي، هاءِ ويز کاتي پنجاب، ريسڪيو 1122 ۽ مري ميونسپل ڪارپوريشن جي جمع ڪرايل رپورٽن کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته مري سانحي بابت ذميوار کاتن جون رپورٽون عدالت کي گمراهه ڪرڻ جهڙيون آهن، موسميات کاتي 5 جنوري تي الرٽ جاري ڪري واٽس ايپ ڪري ڇڏيو، 3 ڏينهن تائين ايتري سنجيده معاملي تي واٽس ايپ واٽس ايپ کيڏيو ويو، عدالت جو ڪم روز توهان کي گهرائي ڪهاڻيون ٻڌڻ ناهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ چيو ته رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون اچي چڪي آهي ته مري سانحي واري ڏينهن مري ۾ ڪُل 6 سنو بلورز موجود هئا، صوبائي هاءِ ويز کاتي جي رپورٽ ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته 1100 ٽن لوڻ 50 لکن ۾ خريد ڪيو ويو، مري ۾ سانحي دوران لوڻ روڊن تي نه عوام جي زخمن تي ڇَٽيو ويو، ادارا جڏهن ايڏي لاپرواهي سان پئسو وهائيندا ته ملڪ جو وزيراعظم ڪستو کڻي ئي گهمندو. عدالت ڇنڊ پٽيندي چيو ته گذريل وزيراعظم به ڪستو کڻي ڦرندو رهيو، موجوده وزيراعظم به ڪستو کڻي ڦرندو، قومي ادارا جڏهن ايڏي لاپرواهي ڏيکاريندا ته ملڪ جو حال بُرو ئي ٿيڻو آهي، عدالت کي گمراهه ڪرڻ تي توهان کي شرم اچڻ گهرجي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پنجاب هاءِ ويز کاتي جي ايڪسيئن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 25 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.